تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ندا ياسر پنهنجي صحت جي حوالي افواهن کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان ندا ياسر ۽ سندس مڙس سميت سندس ڌيءُ ۾ گذريل مهيني 25 مئي تي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي جڏهن ته سندس مارننگ ۾ شو ۾ شرڪت ڪندڙ اداڪار نويد رضا به وبا سبب متاثر ٿيو هو. اداڪارا دعويٰ ڪئي هئي ته سندس عملي سميت گهر جي ملازمن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ناهي ٿي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان سندس صحت جي حوالي سان افواهه پکڙيا هئا جنهن کانپوءِ ٽي وي ميزبان وضاحت جاري ڪئي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب انسٽاگرام تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي هن چيو ته منهنجي صحت بهتر آهي ۽ گهرڀاتين سان گڏ پنهنجي گهر ۾ موجود آهيان.

Bookmark the permalink.