تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

ناديا جميل جي ڪيموٿراپي جو ٻيون مرحلو مڪمل

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ سماجي ڪارڪن ناديا جميل جو بريسٽ ڪينسر جي ڪيموٿراپي جو ٻيو مرحلو مڪمل ٿي ويو. مائيڪرو بلاگنگ سائيٽ ٽوئٽر تي هڪ پيغام ۾ هن لکيو ته ڪيمو ٿراپي جي ٻئي مرحلي ۾ وار هليا ويا، جسم ڪمزور آهي پر روح ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ لکيو ته هڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ بااختيار بڻائڻ واري سفر مان گذري رهي آهيان. الله هر ڏينهن مون کي محبت، شڪر گذاري ۽ بقا سان نوازيو آهي. واضح رهي ته ناديا جميل 3 اپريل تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ذريعي پنهنجن مداحن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو هو ته هن ۾ بريسٽ ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي آهي.

Bookmark the permalink.