تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

ميرا جي روڊ تي بيهي ماڻهن کي گهرن ۾ رهڻ جي صلاح

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) آمريڪا ۾ موجود پاڪستاني فلم اسٽار اداڪارا ميرا نيو يارڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال جي حوالي سان پنهنجي “مخصوص” انگريزي ۾ رپورٽنگ ڪرڻ لڳي. لالي ووڊ جي ڊراما ڪوئين ميرا جي هڪ ٻي وڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته هو هن وقت نيو يارڪ جي علائقي مين هيٽن ٽائم اسڪوائر ۾ موجود آهي. پنهنجي مخصوص انگريزي ۾ ميرا جو چوڻ آهي ته هو اوهان کي نيو يارڪ جي تازي صورتحال ٻڌائي رهي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب ميرا جو چوڻ هو ته ڪورونا سبب هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو شهر ننڊ ۾ آهي جڏهن ته احتياط ڪريو ۽ پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نه نڪرو جڏهن ته ماڻهن کي ڪمرن ۾ رهڻ جي صلاح ڏيندڙ ميرا پاڻ گهر کان ٻاهر گهمي رهي آهي.

Bookmark the permalink.