تازا ترين
  • ڪوٽڙي: نوري آباد سپر هاءِ وي تي مسافر وين کي باهه: 9 ڄڻا سڙي فوت: ترجمان موٽروي*
  • *عادلپور ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت *ڳوٺ رمضان ڪولاچي ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35ورهين جو عبدالقدوس ڪولاچي فوت ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: ڪسٽم انٽيلينجس جي سعيد آباد ۾ ڪارروائي، انڊيا کان اسمگل ٿيل آرٽيفيشل جيولري هٿ *اسمگلر آرٽيفيشل جيولري کي چين جي ظاهر ڪئي: ڪسٽم: ذريعا *آرٽيفيشل جيولري اصل انڊيا کان اسمگل ڪئي وئي آهي:ڪسٽم ذريعا *آرٽيفيشل جيولري جي ماليت تقريبن 29ملين رپيا آهي:ڪسٽم ذريعا *
  • *ملڪاڻي شريف: ايل بي اوڊي سم نالي سميت ننڊن ٻين نالن کي لڳل گھارن جو پاڻي نيڪال نه ٿيو *گهارن سبب سوين ڪچا گھر ڪري پيا، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه *پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف سنڌ آبادگار ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاج *پاڻي نيڪال جا لنگھه بند ٿيڻ ڪري ھر سال برساتن دوران نقصان ٿيندو آهي: احتجاج ڪندڙ*
  • *ميرپورخاص ۾ ٻوڏ متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج، راشن من پسند ماڻهن ۾ ورهائڻ جا الزام *فاقا ڪشي واري زندگي گهاري رهيا آهيون، واهر ڪئي وڃي: احتجاج ڪندڙ ٻوڏ متاثر*
  • *نوشهروفيروز: ڀرٽ ۽ سولنگي تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جو منٿ ميڙ قافلو سولنگين وٽ پھتو *قافلو پهرين مرحلي ۾ سولنگي برادري وٽ مناهي پهتو، سولنگي برادري پاران مھلت طلب *سولنگي ۽ ڀرٽ ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ۾ هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا قتل ٿي چڪا*
  • *کپرو: نوجوان شھريار قائم خاني جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو *هڪ مهينو گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس قاتلن کي پروٽوڪول ڏئي رهي آهي: پيءُ علي قائمخاني*
  • *جوهي ۾ بدامني خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو *ٻوڏ جي ماريل ماڻهن جو ڏوهارين به جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي: احتجاج ڪندڙ *پوليس ۾ ساٿاري ۽ ڀوتارن جي پٺڀرائي هجڻ ڪري ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *جاتي: برساتن کانپوءِ گندو پاڻي واپرائڻ سبب گيسٽرو جي مرش ۾ واڌ، اسپتال ۾ دوائن ۽ بيڊن جي کوٽ *اسپتال ۾ بيڊن جي کوٽ سبب مريض وارڊن ۾ فرش تي پيل، دوائون نه ملڻ جون به دانهون *
  • *ڄامشورو: بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف جدوجهد ڪميٽي پاران 24 ڪلاڪن واري علامتي بک هڙتالي ڪئمپ قائم *ڄامشورو اوور هيڊ برج هيٺيان لڳايل ڪئمپ ۾ وڏي انگ ۾ سياسي توڙي سماجي اڳواڻ ۽ شهري شريڪ *ڪامورن علمي درسگاهن جي شهرکي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: اڳواڻ *شهر ۾ پاڻي جي کوٽ سميت رستن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳل آهن:احتجاج ڪندڙ *شهر مان اڃا تائين برساتي پاڻي نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ضلعي انتظاميا ڪو ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو: اڳواڻ*
  • *سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران تيار ڪيل نائين ڪلاس جو بائلاجي ڪتاب ۾ ڇپيل سيليبس ۽ بورڊ طرفان ڏنل سيليبس ۾ فرق *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سيليبس ڪتاب ۾ موجود ئي نه آهن: استاد *سيليبس ۾ فرق هئڻ ڪري اسڪولن جا شاگرد ۽ استاد پريشان *بورڊ پاران جاري ڪيل ليٽر وارا سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ڪتابن جي کوٽ*
  • *اسلام آباد: ام رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس، سپريم ڪورٽ پاران روپوش جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم *چيف جسٽس جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ 24 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو حڪم نامو جاري ڪيو *عدالت پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد پاران پيش ڪيل رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار *ڊي آءِ جي ايندڙ ٻڌڻي تي روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت کي آگاهه ڪري: حڪم نامو*
  • *اسلام آباد: بحريا ٽائون ڪراچي پاران قسطن جي ادائيگي لاءِ 2 سال مهلت گهرڻ بابت ڪيس جو حڪم نامو جاري *سپريم ڪورٽ 16 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *بحريا ٽائون جي وڪيل پاران درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي ڪيس اڪلايو ويو آهي: حڪم نامو *بحريا ٽائون 460 ارب رپيا ادا ڪرڻ لاءِ قسطن ۾ٻن سالن تائين مهلت گهري هئي *
  • *عمرڪوٽ ويجهو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، 27 هاري بازياب *ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ جي حڪم تي پوليس ڪارروائي ڪئي *بازياب ڪرايل هاري فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج عمرڪوٽ جي عدالت ۾پيش *
  • *حيدرآباد تعليمي بورڊ ڏهين جماعت جي 2020 جي نتيجا جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جا نتيجا اڄ شام 5وڳي جاري ڪيا ويندا*

موٽروي واقعو: شوبز شخصيتن ۾ ڪاوڙ، جوابدارن کي ڦاهي جو مطالبو

موٽروي وي واقعو، ريپ واقعو، جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيو جا ٽرينڊ ٽاپ تي اچي ويا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) هڪ ڏينهن اڳ پنجاب جي راڄڌاني لاهور کان گوجرانوالا ويندي گجرپوره ويجهو گاڏي خراب ٿيڻ تي مدد جي منتظر عورتن کي مبينا طور تي ٻن ڌاڙيلن طرفان گينگ ريپ جو نشانو بڻائڻ تي سڄي ملڪ ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي. عورت کي ڌاڙيلن ان وقت ريپ جو نشانو بڻايو جڏهن هو پنهنجي ڪار ۾ بارن سميت مدد جو انتظار ڪري رهي هئي. عورت جي ڪار اڻڄاتل سببن جي ڪري بند ٿي وئي هئي ۽ هن گوجرانوالا ۾ پنهنجي مائٽن کي اطلاع ڏنو هو مدد ڪندڙ ماڻهن کان اڳ ئي 2 هٿياربند ماڻهو عورت کي اڪيلو ڏسي هو کيس هٿيارن جي زور تي ٻارن سميت ويجهي ٻني ۾ وٺي ويا ۽ اتي عورت جو گينگ ريپ ڪيو. واقي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به جوابدارن کي گرفتار ڪري سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. شوبز شخصيتن به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري کين سر عام ڦاهي جو مطالبو ڪيو. ريپ واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي موٽروي وي واقعو، موٽروي ريپ واقعو، جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيو ۽ سچو مرد ريپ ناهي ڪندو جهڙا ٽرينڊز به ٽاپ تي اچي ويا. اداڪارا ارمينا خان واقعي جي خبر کي شيئر ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته هي خبر هن سميت سموري ملڪ جي هر عورت کي ڏکارو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ڳائڻي عاصم اظهر جوابدارن کي سرعام ڦاهي جو مطالبو ڪيو. مهوش حيات سوال ڪيو ته ڪيئن سنگاپور ۾ عورتون رات جو 4 وڳي به گهران نڪرن ٿيون؟ هن سوال ڪيو ته اهو ئي احساس اسان جي ملڪ ۾ عورتن کي ڇو نٿو ٿي سگهي؟ هن سوال ڪيو ته اسان جمهوري ملڪ ۾ رهون ٿا يا ڪنهن جهنگ ۾؟ هن موٽروي تي عورت کي نشانو بڻائيندڙ جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو. وسيم اڪرم جي زال شنيرا اڪرم به واقعي تي اصل مرد ريپ ناهي ڪندو جو هيش ٽيگ استعمال ڪندي لکيو ته اصل مرد عورتن جو ريپ ناهي ڪندو پر هو عورتن جي حفاظت ڪندو آهي، کين عزت ڏيندو آهي، هو مهربان هوندو آهي، هو اعتماد جوڳو ۽ ساٿ ڏيڻ وارو هوندو آهي. اهو حقيقي مرد رڳو مڙس، پيءُ ۽ ڀاءُ کي چئي رهي آهي، عورتن جي بي حرمتي ڪندڙ درندن کي اصل مرد نٿي چوي. اعجاز اسلم به واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. حمزا علي عباسي ملڪ ۾ وڌندڙ ريپ ۽ تشدد جي واقعن تي افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته انسانيت مري رهي آهي ۽ بيمار ٿي رهي آهي کيس خبر ناهي ته ان جو علاج آهي پر اها ضرور خبر آهي ته هڪ ڏينهن هر ڪنهن کي پنهنجي اعمالن جو حساب ڏيڻو پوندو ۽ هڪ ڏينهن ضرور انصاف ٿيندو. ان کانسواءِ اداڪارا وينا ملڪ به واقعي تي افوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙن ماڻهن جي سوچ تي حيرت ٿئي ٿي جيڪي ريپ جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن. هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي لکيو ته قوم ان ڏانهن ڏسي رهي آهي. اداڪارا صنم بلوچ به پنهنجي ٽوئيٽ ۾ جوابدارن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

Bookmark the permalink.