تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

موت کي ويجهو کان ڏٺو ته زندگي تبديل ٿي وئي: ميرا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ميرا چيو آهي ته موت کي ويجهو کان ڏٺو ته زندگي بدلجي وئي. پاڪستاني ادڪارا ميرا جون آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي خوف کي ياد ڪندي اکيون ڀرجي آيون. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب اداڪارا ميرا ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته آمريڪا ۾ هر طرف قبرستان جهڙو منظر هو، هر گهٽي مان لاش نڪرڻ جو منطر ڏسي اها يادگيري آئي ته زندگي جو ڪوبه ڀروسو ناهي. آمريڪا ۾ ڊانس پرفارمنس ڪرڻ وئي هئس پر سڀ ڪجهه بدلجي ويو. منهنجو ٿورو وقت رهجي ويو آهي. چاهيان ٿي ته موت اچي ته پنهنجي ملڪ جي مٽيءَ ۾ دفن ٿيان. سندس چوڻ هو ته آئيسوليشن دوران پاڻ تي ڪهاڻي لکي. ٽيلي فلم جي صورت ۾ پيش ڪنديس. هن چيو ته پهريون ڀيرو پاڻ کي الله جي ويجهو محسوس ڪيو. اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان پهچي سجدو ڪيو ڇو ته مون کي به مرڻو آهي. اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ چاهيان ٿي. پنهنجي قبر جي جڳهه به رکي ڇڏي آهي. صحافي پاران پڇيل سوال ته ڇا اوهان اڃان به گليمر جي دنيا مان واپس نه ايندو؟   جنهن تي اداڪاره جواب ڏيڻ کان لنوائي وئي.
ڏنو ته مان ان تي وڌيڪ ڳالهائڻ نٿي چاهيان.

Bookmark the permalink.