تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

مهوش کي ڪنهن جو انتظار؟ اداڪارا جي تصوير تي مداحن جا سوال

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا مهوش حيات جي سوشل ميڊيا تي پيغام ۽ تصوير مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ کين سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ته اداڪارا نيٺ ڪنهن جو انتظار ڪري رهي آهي. پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي مهوش حيات پنهنجي تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته اڄ اوهان ٻيهر گهر دير سان آيا، مان اوهان جو انتظار ڪري رهي هيس. مهوش حيات جي هن تصوير ۽ پيغام کي سندس اڪائونٽس تي هزارين مداحن پسند ڪيو ۽ کانئس سوال ڪيا ته آخر هو ڪنهن جو انتظار ڪري رهي آهي.

Bookmark the permalink.