تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

مهوش حيات ڪنهن ٻئي جا شعر علامه اقبال سان واڳي ڇڏيا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) تمغه امتياز ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات اڪثر ڪجهه نه ڪجهه نئون ڪندي رهي ٿي جنهن سبب نه رڳو مداح سندس واکاڻ ڪن ٿا پر سندس خبرون سوشل ميڊيا تي گردش ڪن ٿيون. سياسي ۽ سماجي معاملن تي راءِ جو اظهار ڪندڙ اداڪارا هن ڀيري سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ تصوير سان گڏ ڪجهه شعر شيئر ڪيا. تصوير تي سهڻي هئي پر هي تصوير سونهن جي ڪري نه پر ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري عوام جي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي. ٿيو ائين جو مهوش حيات پنهنجي تصوير سان جيڪي شعر لکيا انهن جو ليکڪ علاما اقبال کي ٻڌايو پر اصل ۾ اهي شعر محمد اسماعيل الڪرخي ندوي لکيا آهن. مهوش حيات جي مداحن سندس تصوير کي پسند ڪيو پر گڏوگڏ سندس ڌيان شاعر جي نالي ڏانهن به ڇڪايو. هڪ صارف لکيو ته هي علامه اقبال جو نه ڪنهن ٻئي شاعر جو ڪلام آهي. اسوه زينب نالي ٽوئٽر صارف لکيو ته هي شعر اقبال جا نه آهن پر ڪنهن ٻئي شاعر جا آهن گڏوگڏ هن اقبال جو ڪلام به شيئر ڪيو.

Bookmark the permalink.