تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

مهوش حيات پاران ترڪ ڊرامي جي ساراهه، هيرو جي ليونارڊو ڊي ڪيپريو سان ڀيٽ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ترڪش ڊرامو ارطغرل غازي پاڪستان ۾ مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن جڏهن ته ڪيترائي شوبز فنڪار ڊرامي بابت پسنديدگي جو اظهار به ڪري رهيا آهن. شوبز شخصيتن اداڪار شان، ريما ۽ ياسر حسين ڊرامي کي پي ٽي وي تي نشر ڪرڻ تي اعتراض ڪيو هو جڏهن ته اداڪارا وينا ملڪ ۽ مهوش حيات ڊرامي کي پسند ڪيو آهي. اداڪارا مهوش حيات ارطغرل غازي جي پاڪستان ۾ مقبوليت کي ڏسندي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته کيس خبر ناهي ته ترڪ ڊرامي خلاف ايتريون ناڪاري ڳالهيون ڇو ڪيون پيون وڃن؟ پر نيٺ هڪ ڏينهن اسان سڀ اهو تسليم ڪنداسين ته ارطغرل غازي نه رڳو تعليم پکيڙڻ پر اسلامي تهذيب سيکارڻ وارو ڊرامو به آهي. اداڪارا ڊرامي جي مک ڪردار جي واکاڻ ڪندي نئون ٽرينڊ به شروع ڪيو ۽ هن هيش ٽيگ سان ڪرش اپڊيٽڊ جو لفظ استعمال ڪن. مهوش موجب اداڪار انجين التان دوزيتان انتهائي پرڪشش نظر اچي ٿو. اداڪارا چيو ته انجين التان دوزيتان ڊرامي ۾ هالي ووڊ اداڪار ليونارڊو ڊي ڪيپريو جيان پرڪشش نظر اچي ٿو.

Bookmark the permalink.