تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

مهوش حيات جون اظفر رحمان کي سالگرهه جون واڌايون

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) تمغه امتياز ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪارا مهوش حيات ساٿي اداڪار اظفر رحمان کي سالگرهه جون واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ڏهاڪي تي ٻڌل دوستي جي سفر جي خوشي کي ملهائڻ لاءِبي چين آهيان. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي مهوش حيات ساٿي اداڪار اظفر رحمان سان ورتل هڪ تصوير شئير ڪندي کيس سالگرهه جون واڌايون ڏنيون. هن چيو ته کيس خراب محسوس ٿي رهيو آهي ته هو دوست جي سالگرهه جي ڏهاڙي ساڻس گڏ ناهي. هن ٻڌايو ته دوستي کي ڏهاڪو ٿي ويو آهي. اظفر سان هي سفر خوش گوار رهيو.

Bookmark the permalink.