تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

منهنجي فلم جي ڪهاڻي خليل الرحمان لکندو: ريما

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) لالي ووڊ اسٽار ريما چيو آهي ته جڏهن به ڪو فلمي پراجيڪٽ ڪنديس ته ان جي ڪهاڻي خليل الرحمان کان لکرائينديس. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته 2014ع ۾ خليل الرحمان قمر کان فلم جي ڪهاڻي لکرائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي هئي پر ان وقت هو همايون سعيد جي فلم سان گڏ ٻين پراجيڪٽس ۾ رڌل هو ۽ وري وقت گذري ويو ۽ مان به پنهنجي زندگي ۾ مگن ٿي ويس ۽ پراجيڪٽ اڻپورو رهجي ويو. هاڻي مان ٻيهر اهڙي عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ڪورونا جي وبا ختم ٿيندي ئي ٻيهر پنهنجي فلمي پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪنديس ۽ ان جي ڪهاڻي خليل الرحمان قمر کان لکرائينديس.

Bookmark the permalink.