تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

منهنجو ڀاءُ ليجنڊ هو ۽ ليجنڊ ڪڏهن ناهي مرندو: ساجد خان

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ٽي ڏينهن اڳ لاڏاڻو ڪري ويل ڀارتي ميوزڪ ڪمپوزر واجد خان جي ڀاءُ ساجد خان طرفان هڪ جذباتي پيغام جاري ڪيو ويو آهي. انسٽاگرام تي ساجد خان پنهنجي ڀاءُ واجد خان جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن هو اسپتال ۾ موجود آهي ۽ موبائيل فون تي پيانو وڄائي رهيو آهي. هن لکيو ته دنيا وئي، سڀ ڪجهه ويو پر منهنجي ڀاءُ نه ڪڏهن ميوزڪ ڇڏي نه ئي ميوزڪ منهنجي ڀاءُ کي ڇڏيو. ساجد خان لکيو ته منهنجو ڀاءُ هڪ ليجنڊ هو ۽ ليجنڊ هميشه اسان جي دلين ۽ يادن ۾ جيئرا رهندا آهن. مان هميشه ڀاءُ سان پيار ڪندو رهندس، منهنجي هر خوشي هر دعا ۾ هميشه سندس نالو رهندو.

Bookmark the permalink.