تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

منهنجا مداح ئي منهنجي لاءِ نعمت آهن: سجل علي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪاري ۽ خوبصورتي ۾ پنهنجي انوکي سڃاڻ رکندڙ اداڪارا سجل علي سوشل ميڊيا تي پنهنجي مداحن لاءِ محبت جو پيغام جاري ڪيو آهي. اداڪارا انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ اداڪارا هر ڀيري جيان سهڻي نظر اچي رهي آهي. هن ڀيري سجل پنهنجي پرستارن جا ٿورا مڃيندي لکيو ته اوهان سڀني جي مهرباني جن پنهنجي دلين ۾ جايون ڏنيون ۽ اسان سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو. هن لکيو ته منهنجا مداح ئي منهنجي لاءِ الله جي نعمت آهن. ياد رهي ته احد رضا مير سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجندڙ سجل علي کي سندس مداح سندس شادي کانپوءِ وڌيڪ پسند ڪرڻ لڳا آهن.

Bookmark the permalink.