تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

مقامي ڊراما ڪٿي ڏيکاريا ويندا؟ ثمينا احمد پاران ترڪ ڊرامن جي مخالفت

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا ثمينا احمد جو چوڻ آهي ته هو ترڪش ڊرامن جي مخالف آهي. انسٽاگرام تي اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان توثيق حيدر سان لائيو انسٽاگرام سيشن دوران ترڪش ڊرامن کي پاڪستان ۾ نشر ڪرڻ تي خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي ڊرامن کي پاڪستان ۾ نشر ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. ثمينا احمد جو چوڻ هو ته گهڻا ماڻهو سمجهن ٿا ٻنهي ملڪن جو مقابلو هجڻ گهرجي ته پوءِ پاڪستان ۾ انهنجو چينل کڻي اچو ته جيئن خبر پوي ته ماڻهو ترڪش ڊراما ڏسن ٿا يا اسان جون شيون ڏسڻ پسند ڪن ٿا. هن سواليا انداز ۾ چيو ته روزانو پرائم ٽائم جيڪڏهن ترڪش ڊرامن کي ڏنو ويندو ته پوءِ اسان جا مقامي ڊراما ڪٿي ڏيکاريا ويندا. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ته مقامي ڊراما ٺهڻ ئي بند ٿي ويندا.

Bookmark the permalink.