تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

مشهور شاعر علي محمد اڏيرائي بيماري جي بستري تي پيل

هزارين گيت لکندڙ شاعر علاج ڪرائڻ کان قاصر، ڪنهن سار نه لڌي

گهارو (رپورٽ: فهد مصطفيٰ جوکيو) سنڌ جو مشهور شاعر علي محمد اڏيرائي ڊگهي وقت کان بيماري جي بستري تي پيل آهي ۽ هيل تائين ڪنهن به سندس ڪا سار نه لڌي آهي. هزارين گيت لکي نالو ڪمائيندڙ شاعر سخت مفلسي واري حالت ۾ ڪنهن اسپتال ۾ علاج ڪرائڻ کان به قاصر آهي. علي محمد اڏيرائي جا مقبول گيت سرمد سنڌي، فوزيا سومرو، عرس چانڊيو، الهڏنو خاصخيلي، ثمينه ڪنول، ثريا سومرو ۽ ٻين ڳايا آهن. هن وقت شاعر بستري تي زندگي جا ڏينهن گذاري رهيو آهي پر ثقافت کاتي توڙي ڪنهن به سندس سار نه لڌي آهي.

Bookmark the permalink.