تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

مشهور اداڪار سلطان راهي جو 82هون جنم ڏهاڙو ملهايو ويو

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ٽن ڏهاڪن تائين فلم بينن جي دلين تي راڄ ڪندڙ پاڪستان فلم انڊسٽري جي سلطان، سلطان راهي جو 82هون جنم ڏهاڙو ملهايو ويو. پاڪستاني فلمي دنيا تي راڄ ڪندڙ مشهور پاڪستاني اداڪار سلطان راهي پنهنجي پرستارن جي دلين ۾ اڄ به جيئرو آهي. پنجابي فلمن جي بي تاج بادشاهه اداڪار سلطان راهي 1938ع ۾ ڀارتي شهر سهارن پور ۾ جنم ورتو ۽ ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان منتقل ٿيو. سلطان راهي 1971ع ۾ فلمي ڪيريئر شروع ڪيو ۽ ان دوران پنجابي فلم بشيرا جي ڪاميابي کيس سپر اسٽار بڻائي ڇڏيو. سلطان راهي ۽ مصطفيٰ قريشي جي جوڙي فلم جي ڪاميابي جي ضمانت بڻيل هئي.

Bookmark the permalink.