تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

مسجد ۾ گاني جي شوٽنگ: بلال سعيد معافي وٺي توبهه ڪري ڇڏي

مسلمان آهيان، مسجد جو تقدس پامال ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان، اڻ ڄاڻائي ۾ غلطي ٿي: بلال

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) لاهور جي مسجد وزير خان ۾ رڪارڊنگ جي معاملي تي اداڪارا صبا قمر کانپوءِ ڳائڻي بلال سعيد به معافي گهري ورتي آهي. ڳائڻي بلال سعيد پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته هو مسلمان آهي، مسجد جو تقدس پامال ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي، انتظاميا شاهد آهي ته مسجد ۾ ميوزڪ نه وڄائي وئي. بلال سعيد چيو ته فوٽوشوٽ لاءِ هن ۽ صبا قمر ننڍڙي حرڪت ڪئي، ڊانس جو تاثر غلط آهي، احساس آهي ته اڻ ڄاڻائي ۾ غلطي ٿي، الله کان توبهه ۽ ماڻهن کان معافي وٺون ٿا. خيال رهي ته پاڪستاني ڳائڻي بلال سعيد ۽ اداڪارا صبا قمر پنهنجي ايندڙ گاني قبول جي شوٽنگ دوران ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون هيون جيڪي مسجد وزير خان جي اندر جون آهن. وڊيو شيئر ڪرائڻ کانپوءِ فنڪارن کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي ۽ سوشل ميڊيا صارفين طرفان ٻنهي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. بلال سعيد کان صبا قمر وحاٽ ڪئي هئي ته جنهن ڪلپ تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ان ڪلپ ۾ نه ته ڊانس ڪيو ويو آهي نه ئي پس منظر ۾ ميوزڪ هلائي وئي. هن اهو به چيو ته سندس ايندڙ گاني قبول ۾ مختصر شوٽنگ مسجد وزير خان ۾ ڪئي وئي. هاڻي خيال ڪيو پيو وڇي ته امڪاني طور تي گانو ڪجهه دير سان رليز ڪيو ويندو. هوڏانهن بلال سعيد ۽ صبا قمر قبول هي کي 11 آگسٽ تي رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ڄاڻايل گاني جي هدايتڪار به صبا قمر آهي.

Bookmark the permalink.