تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

مداحن جي اشنيٰ شاهه کي ڪنگنا بدران حليمه سلطان بڻجڻ جي صلاح

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ترڪ ڊرامي جي شروعات تي جتي شوبز شخصيتون ڊرامي کي سرڪاري ٽِ وي تي نشر ڪرڻ جي مخالفت ڪندي نظر اچن ٿيون اتي ڪجهه شخصيتن ڊرامي کي پاڪستاني ثقافت قرار ڏيڻ تي اعتراض به ڪيو. ڊرامي جي مقبوليت جي حوالي سان اداڪارا اشنيٰ شاهه ٻه ڏينهن اڳ هڪ ٽوئيٽ ۾ سوال ڪيو ته ارطغرل غازي رڳو پاڪستان ۾ مقبول آهي يا ان کان اڳ به ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ به مقبول ٿي چڪو آهي؟ اشنيٰ جي ٽوئيٽ تي ماڻهن تبصرا ڪيا ۽ اداڪارا طرفان ڊرامي جي شهرت تي اعتراض کي ساڙ قرار ڏنو جڏهن ته اداڪارا اهڙي تنقيد تي وضآحت ڪئي ته هو ارطغرل غازي جي مخالفت نه پئي ڪري. اشنيٰ شاهه جي ٽوئيٽ تي اداڪارا ارمينا خان به تبصرو ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ڪجهه پاڪستاني ماڻهو ارطغرل غازي جهڙي شاندار ڊرامي جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي ريت ڪجهه ماڻهو ساڙي به ڪري رهيا آهن. ڪجهه ماڻهن اشنيٰ شاهه جي سوال تي سندس حمايت ۾ به تبصرا ڪيا جڏهن ته هڪ شخص کيس اهڙو سوال اٿارڻ تي بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت سان ڀيٽ ڏني. هڪ مداح اشنيٰ شاهه جي ارطغرل غازي بابت پڇيل سوال تي تبصرو ڪيو ته کيس اداڪارا جي روپ ۾ مستقبل جي ڪنگنا رناوت نظر اچي رهي آهي. مداح جي تبصري تي اداڪارا به ڀارتي اداڪارا جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڪاش هو ان جهڙي بڻجي سگهي. اشنيٰ شاهه ڪجهه ماڻهن کي ياد ڏياريو ته جيتوڻيڪ ڪنگنا رناوت سٺي ۽ باصلاحيت اداڪارا آهي پر هو ڪٽر هندو ۽ مسلمانن سان نفرت ڪرڻ واري آهي. هڪ مداح کي صلاح ڏني ته هو مستقبل ۾ ڪنگنا رناوت بڻجڻ بدران حليمه سلطان بڻجي. خيال رهي ته حليمه سلطان ترڪ ڊرامي ارطغرل غازي جي مک اداڪارا آهي.

Bookmark the permalink.