تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

مايا علي ڊپريشن کي منهن ڏيڻ بابت ٿراپي ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (انٽرٽيمنيٽ ڊيسڪ) پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا مايا علي پنهنجي مداحن کي آئيسوليشن بابت بهترين ٿراپي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو. اداڪارا انسٽاگرام تي مداحن لاءِ هڪ پوسٽ شيئر ڪئي. هن رنگن سان ٿراپي جي تصوير شيئر ڪئي جيڪا ڊپريشن ۽ احساس ڪمتري جي شڪار ماڻهن لاءِ فائديمند آهي. اداڪارا انسٽاگرام تي اهڙي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هن ٿراپي بابت مون ٻڌو هو پر ڪڏهن هن کي آزمايو نه هو. آئيسوليشن ۾ هن مون کان نيون نيون شيون ڪرايون جن کي ڪرڻ جو مون سوچيو به نه هو ۽ هاڻي اها ٿراپي ڪري رهي آهيان. مداحن طرفان به اداڪارا جي اهڙي پوسٽ کي پسند ڪيو پيو وڃي ۽ مايا علي جي هن ٿراپي بابت کانئس پڇي رهيا آهن.

Bookmark the permalink.