تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

ماهرا ۽ مهوش حيات به عظميٰ خان جي حمايت ۾ سامهون اچي ويون

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا هانيا عامر کانپوءِ مهوش حيات ۽ ماهرا خان به اداڪارا عظميٰ خان جي حق ۾ آواز اٿاريو آهي. پاڪستاني ماڊل ۽ اداڪارا عظميٰ خان ۽ سندس ڀيڻ هما خان تي تشدد واري معاملي سوشل ميديا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي جڏهن ته فنڪار برادري به عظميٰ خان سان ٿيل ورتاءُ تي آواز اٿاريو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب اداڪارا ماهرا خان عظميٰ خان جي معاملي تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ٻن مختلف موضوعن تي بحث هلي رهيو آهي. هڪ پنهنجي زال کي دوکو ڏيڻ واري شخص جي بي وفائي جو موضوع آهي جنهن تي ڪو به شخص پنهنجي صحيح هوش هواس ۾ ان جي حمايت ۾ نٿو اچي سگهي جڏهن ته ٻيو موضوع آهي ته ڪهڙي ريت طاقتور ڪجهه به ڪري صاف نڪري وڃي ٿو. ماهرا خان وڌيڪ چيو ته مان هميشه احتساب سان بيهندي آهيان، اميد ڪريان ٿي ته هن سرزمين تي اسان سڀني سان قانون موجب برابر ورتاءُ ڪيو وڃي. ماهرا کانسواءِ اداڪارا مهوش حيات به عظميٰ خان جي حق ۾ آواز اٿاريو، هن ٽوئٽر تي چيو ته اچو اخلاقي ۽ قانوني مسئلي ۾ فرق ڪريون ٿا. ٻه غلط گڏجي ڪڏهن هڪ صحيح نٿا ٿي سگهن. پنهنجي گهر تي سلامتي جو حق قانون ۾ شامل هڪ بنيادي انساني حق آهي ۽ هي عهديدارن لاءِ هڪ حقيقي امتحان آهي جن کي اهو ثابت ڪرڻ جي ضرورت آهي ته ڪير به قانون کان مٿانهون ناهي. واضح رهي ته ان کان اڳ اداڪارا عظميٰ خان ۽ سندس ڀيڻ هما خان جون ڪجهه وڊيوز وائرسل ٿيون هيون جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪجهه عورتون پنهنجن گارڊز جي مدد سان عظميٰ خان جي گهر ۾ گهڙي ٻنهي ڀيڻن تي پنهنجي مڙس سان ناجائز لاڳاپن جو الزام لڳائي کين هراسان ڪيو هو ۽ تشدد جو نشانو بڻايو هو.

Bookmark the permalink.