تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

ماهرا جي سيٽ تي واپسي، سماجي وٿي سبب پريشان

لاڪ ڊائون ۾ نرمي کانپوءِ ماهرا خان ٻيهر فوٽو شوٽ شروع ڪري ڇڏيا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي ڊراما ۽ فلم انڊسٽري جي خوبصورت اداڪارا ماهرا خان جو چوڻ آهي ته مهينن کانپوءِ سيٽ تي ڪم ڪندي هو غير حقيقي محسوس ڪري رهي آهي. ماهرا خان انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن بابت هن ڪورونا کانپوءِ هڪ فوٽوشوٽ بابت پنهنجي مداحن کي ٻڌايو. هن لکيو ته ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ سيٽ تي واپسي کيس غير حقيقي محسوس ٿي رهي آهي پر هاڻي هو ٻيهر ڪيمرا سامهون اچڻ لاءِ تيار آهي، کڻي ٿوري دير لاءِ پر هي ان لاءِ نعمت آهي. هن لکيو ته مون کي ڀاڪر پائڻ جي عادت آهي سماجي وٿي پسند نٿي اچي.

Bookmark the permalink.