تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

لکين ماڻهن جو فيس بڪ گروپ، جتي هر ڪو پاڻ کي ماڪوڙو سمجهي ٿو!

ڪراچي (دلچسپ نيوز) فيس بڪ تي هڪ اهڙو عجيب گروپ مقبول ٿي رهيو آهي جنهن جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته اسان ماڪوڙا آهيون، هو رڳو پاڻ کي ماڪوڙو نٿا سمجهن پر پنهنجي راڻي جي پوڄا به ڪن ٿا. فيس بڪ تي هيل تائين ڪيترائي عجيب گروپ سامهون آيا آهن ۽ هي به انهن مان هڪ آهي جنهن ۾ 1.8 ملين ماڻهو ميمبرز آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لاڪ ڊائون سبب ماڻهو گهرن ۾ بور ٿي رهيا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو نفسياتي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن پر هن گروپ ته چريائپ جي حد ڪري ڇڏي. “ماڪوڙو گروپ” جي نالي سان هن گروپ جا ميمبر ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. هي گروپ جون 2019ع ۾ ٺاهيو ويو هو، گروپ ميمبرن جو چوڻ آهي ته اسان سڀ ماڪوڙا آهيون. هن گروپ جا رڳو هڪ لک ميمبر ٿيا هئا پر جيئن ئي ڪورونا جي وبا زور پڪڙيو ته ميمبرن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي. هن گروپ جو هر ماڻهو راڻي جي پوڄا ڪري ٿو ۽ ماڪوڙن وارا ڪم ڪري ٿو. گروپ موجب چيو پيو وڃي ته هن گروپ ۾ ماڻهن کي ماڪوڙو بڻجڻ جو ڏيکاءُ ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو ان لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن انسان پنهنجن مسئلن ۽ ڳڻتين کي وساري ڇڏي ۽ هن گروپ ۾ ماڻهن کي ڪنهن به سياسي توڙي انساني مسئلي بابت ڳالهائڻ جي اجازت ناهي. گروپ جون پوسٽس به عجيب آهن. گروپ جي هڪ شخص آئيس ڪريم شيئر ڪئي جنهن تي ماڪوڙيون ويٺل آهن ۽ ڪيپشن ۾ سندس چوڻ هو ته ماڪوڙئو مون کي هي آئسڪريم ملي آهي اچو ته گڏجي کائون ۽ راڻي کي به کارايون.

Bookmark the permalink.