تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ليجنڊ اداڪار عرفان خان به عمران خان جو مداح هو!

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) گذريل هفتي لاڏاڻو ڪري ويل بالي ووڊ جو ليجنڊري اداڪار عرفان خان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان جو وڏو پرستار هو. ماضي ۾ ڀارتي اخبار دي ٽيلي گراف کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ اداڪار انڪشاف ڪيو هو ته هو پنهنجي جواني ۾ ٻن پاڪستاني رانديگرن ظهير عباس ۽ عمران خان جو وڏو مداح هو. انٽرويو ۾ هڪ واقعو ٻڌائيندي سندس چوڻ هو ته هن پنهنجي زندگي جو پهريون آٽو گراف پاڪستان جي ليجنڊري ڪرڪيٽر ظهير عباس کان پاڪ ڀارت ميچ دوران ورتو هو. هن چيو ته مان آٽوگراف نه وٺندو آهيان پر ظهير عباس جو وڏو مداح هيس ان لاءِ آٽو گراف لازمي ٿي ويو هو. عمران خان بابت سندس چوڻ هو ته ڪرشماتي ۽ پرڪشش شخصيت جو مالڪ عمران خان خوبصورت آهي. هن عمران خان جي بالنگ جي به واکاڻ ڪئي.

Bookmark the permalink.