تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

لنڊن: ڳالهائڻ واري سگهه کان محروم ناري اوچتو چئن لهجڻ ۾ ڳالهائڻ لڳي!

لنڊن (دلچسپ نيوز) برطانيا ۾ هڪ عورت ڪنهن دماغي عرض جو شڪار ٿيڻ سبب ٻن مهينن تائين ڪجهه به ڳالهائن کان قاصر رهي پر اوچتو سندس ڳالهائڻ واري سگهه واپس اچي وئي پر هاڻي هو چئن مختلف لهجن ۾ ڳالهائي سگهي ٿي. 31 ورهين جي ايملي ايگن جي اهڙي ڪيفيت سبب پاڻ ڊاڪٽر به حيران آهن. ماهرن موجب هي ڪنهن عارضي فالج يا دماغي زخم سبب ٿيو پر ان جا ثبوت نه ملي سگهيا آهن هاڻي هن عورت جو لهجو ۽ انداز تبديل ٿي ويو آهي. ٻن مهينن تائين ايملي ڪمپيوٽر ايپ ۽ ٻين مشيني طريقن سان ڳالهائيندي رهي هئي. ڪجهه ماهرن ان کي هڪ ناياب مرض چيو آهي جنهن کي فارن ايسنٽ سنڊروم يا پرڏيهي لهجي جو مرض به چئي سگهجي ٿو پر هي ڪيفيت هيل تائين هڪ سئو ماڻهن ۾ سامهون اچي چڪي آهي. ايملي کي هوريان هورينا ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي ۽ پوءِ بلڪل ڳالهائڻ واري سگهه وڄائي ويحي وري جڏهن آواز واپس آيو ته سندس لهجو ڪنهن پرڏيهي جهڙو هو جنهن تي ماڻهن کيس نسل پرستي جو طعنو به ڏنو ڇو ته ڪڏهن سندس لهجو اٽلي جهڙو هو ته ڪڏهن وري اسپينش يا فرانسيسي ٿيڻ لڳو هو. ان کانپوءِ ملازمت جاري رکڻ سندس لاءِ ڏکيو بڻجي ويو. واضح رهي ته هي ڪيفيت سڀ کان پهريان 1907ع ۾ منظر عام تي آئي هئي ۽ هيل تائين ان جا رڳو 100 مريض دريافت ٿي چڪا آهن. هن ڪيفيت ۾ دماغ جو اهو حصو متاثر ٿئي ٿو جتي ڳالهه ٻولهه ڪنٽرول ڪئي وڃي ٿي. جنوري 2020ع ۾ پهريان کيس مٿي ۾ سور محسوس ٿيو ۽ آواز ڳورو ٿي ويو پوءِ کيس اسپتال نيو ويو ته فالج جي سڃاڻ ٿي ۽ سندس آواز بند ٿي ويو. هاڻي هو مختلف لهجن ۾ ڳالهائي ٿي جن ۾ پولينڊ، روس ۽ اٽلي جا لهجا شامل آهن. هيل تائين سندس ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي لهجو حاوي آهي.

Bookmark the permalink.