تازا ترين
  • *سنڌ ۾ ڪورونا ڪيس وڌڻ بعد مائيڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *چيلهار ۾ مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻيل ناريءَ آپگهات ڪري ڇڏيو*

لاڪ ڊائون : ٿيٽر انڊسٽري جي هزارين ماڻهو فاقاڪشي جو شڪار

لاهور(شوبز نيوز) لاڪ ڊائون سبب ٿيٽر انڊسٽري سان لاڳاپيل هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن ، حڪومت ان مشڪل گهڙي ۾ انهن کي تنها نه ڪري اهڙن خيالن جو اظهار قيصر ثناالله خان چيئرمين ايڪشن ڪاميٽي اسٽيج ڊرامه آرٽيسٽ ويلفيئر ايسوسين، چيئرمين ۽ پروڊيسر تماثيل ٿيٽر لاهور جي روح روان وزير اعظم پاڪستان عمران خان کي خط لکي ڇڏيو آهي قصر ثناالله وزيراعظم کي اپيل ڪندي چيو ته حڪومت لکين، ڪروڙين ۽ اربين رپيا ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهي اهي دعوائون ڪيون پيون وڃن ته ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جي امداد ڪئي وئي آهي حقيقت هي آهي ته اسٽيج ڊرامن جي اداڪارن تائين ڪو به امدادي سامان نه پهتو آهي اسان اميد ٿا ڪيون ته حڪومت اداڪارن جي مالي مدد ڪندي

Bookmark the permalink.