تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

لاڪ ڊائون: هالي ووڊ ايڪشن هيروئنز جي مداحن لاءِ آن لائين فائيٽ!

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائون ۾ هالي ووڊ ايڪشن ڪوئينز حرڪت ۾ اچي ويون. سماجي فاصلو برقرار رکندي هڪ ٻئي تي وار ڪيا. لاڪ ڊائون دوران جتي شهري مختلف طريقن سان دل وندرائين ٿا اتي هاڻي هالي ووڊ جي ايڪشن ڪوئنز به سماجي وٿي برقرار رکندي هڪ ٻئي تي وار ڪيا. مارگوٽ روبي، اسڪارليٽ جانسن، ڪيمرون ڊياز، اوما ٽرومين، هيلي بيري ۽ لوسي لا ليس سميت ٻين هالي ووڊ اداڪارائن لاڪ ڊائون جي بوريت ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي تي لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو جڏهن ته ڏنڊن، ڊمبلز ۽ ٻين شين جو به استعمال ڪيو. خوبصورتي سان عڪسبند ڪيل هي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي ۽ صارفين هالي ووڊ جي ايڪشن هيروئزن کي وڙهندي ڏسي لطف ماڻي رهيا آهن.

Bookmark the permalink.