تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

لاڪ ڊائون: مايوسي جو شڪار ڀارتي اداڪارا آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ٽي وي ۽ ٿيٽر جي مشهور ڀارتي اداڪارا 25 سالن جي پريڪشا مهتا اڻ ڄاتل سببن جي ڪري آپگهات ڪري ورتو. پريڪشا مهتا کان 10 ڏينهن اڳ به هڪ ڀارتي نوجوان اداڪار مالي ڏکيائين سبب آپگهات ڪيو هو. پريڪشا مهتا کان اڳ 15 مئي تي نوجوان سک اداڪار من ميت گريوال به پاڻ کي ڦاهو ڏئي زندگي جو انت آندو هو. هو لاڪ ڊائون سبب ڏکيائين جو شڪار ٿي ويو هو ۽ سندس زال کيس ڇڏي وئي هئي. من ميت گريوال به ڊرامن ۽ ٿيٽر جو اداڪار هو جڏهن ته هو اشتهارن سميت مختلف گانن ۾ به پرفارمينس ڪري چڪو هو. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب پريڪشا مهتا رياست مڌيا پرديش جي شهر اندور ۾ پنهنجي گهر ۾ آپگهات ڪيو، هو به لاڪ ڊائون سبب گهر تائين محدود هئي، رپورٽ موجب فوري طور تي پريڪشا مهتا جي آپگهات جا ڪارڻ سامهون نه اچي سگهيا آهن جڏهن ته خيال ڪيو پيو وڃي ته هن به امڪاني طور تي مالي مسئلن سبب آپگهات ڪيو هوندو. پريڪشا مهتا ڪيريئر ٺاهڻ لاءِ مڌيا پرديش کان مهاراشٽر جي راڄڌاني ممبئي منتقل ٿي هئي ۽ هن ڪرائم پيٽرول، تو عاشقي، لال عشق ۽ ميري درگا جهڙن ڊرامن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيا جڏهن ته هو ان دوران ٿيٽر ۾ به ڪم ڪندي رهي. پريڪشا مهتا اڪشي ڪمار جي فلم پيڊ مين ۾ به اداڪاري ڪئي آهي ۽ ڪيترن ئي گانن ۾ ماڊلنگ کانسواءِ فيشن شوز ۾ به جوهر ڏيکاريا آهن. آپگهات کان اڳ پريڪشا سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو هو ته سڀ کان برو هوندو آهي خوابن جو مري وڃڻ ۽ ان کان اڳ به اداڪارا ڪجهه مايوسي جهڙيون پوسٽيون شيئر ڪيون هيون. پريڪشا جي آپگهات تي ڀارتي اداڪارن ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته اڀرندڙ فنڪارن جي ذهني صحت ۽ مالي معاملن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.

Bookmark the permalink.