تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز اڄ به بند، سڀاڻي 8 وڳي کوليون وينديون *هفتي ۾ 4 ڏينهن گيس پريشر گهٽ ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند ڪيون پيون وڃن *صرف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنز مالڪن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پرشوتم لال *
  • *خيرپور: عورت سان مبينا طور اجتماعي زيادتي ۽ تشدد، اين سي داخل، وارثن جو احتجاج *شادي شده عورت مومل شيخ کي ٽن ٻارڙن سميت اغوا ڪري ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو: وارث *5جوابدارن اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ سان گڏ تشدد ڪيو: متاثر ناري *جوابدارن خلاف سوڀو ديرو ٿاڻي تي اين سي داخل، وارثن جو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو*
  • *آواران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا: آءِ ايس پي آر *آپريشن دوران دهشتگردن جا ٺڪاڻا تباهه، وڏي انگ ۾ هٿيار هٿ ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر*
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *گمبٽ:16 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويل ٻن عورتن ۽ 2 ٻارڙن کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو *حنا ۽ نگينا خاتون سميت ٻن ٻارڙن کي باءِ پاس تان بازياب ڪرايو: پوليس *16 ڏينهن اڳ ٽن جوابدارن هٿيارن جي زور تي ٻن عورتن ۽ ٻن ٻارڙن کي اغوا ڪيو هو: پوليس *بازياب ڪرايل عورتون ۽ ٻار عدالت ۾ پيش، بيان بعد وارثن حوالي *
  • *ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد هرطرف ساوڪ، ميوا توڙي ڀاڄيون ٿيڻ بعد مارڪيٽ پهچي ويون *گدرا، ڇانهيا، مهيا، چڀڙ ۽ ٻيون ڀاڄيون توڙي ميوا مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪرو *روڊن تي اسٽال لڳائي ڀاڄيون ۽ ميوا وڪرو، ماروئڙن ۾ خوشي واري لهر *
  • *پيرجوڳوٺ: ٻه ڏينهن اڳ مڙس ۽ ڏيرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايل عورت سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پيش *تشدد جي مبينا الزام ۾ گرفتار مڙس زال کان معافي وٺڻ بعد عورت جو عدالت ۾ مڙس سان رهڻ جو بيان *عدالت پاران ناري منيران راهوجو کي مڙس عبدالحليم راهوجو جي حوالي ڪري ڇڏيو *
  • *ڏهرڪي:قتل ٿي ويل عنايت شاهه جو لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *نئون ڪوٽ بس اسٽاپ وٽ ڌرڻي سبب ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل *جوابدارن جو پتو لڳائي ورتو آھي، گرفتاي لاءِ پوليس رواني ٿي ويئي آھي: پوليس جي خاطري*
  • *ڀان سيدآباد ۾ بدامني خلاف شهرين پاران جي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي *شهر ۾ ڦورن ۽ چورن جو راڄ قائم آهي، پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه پئي ڪري: احتجاج ڪندڙ *
  • *ڪڙيو گهنور ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، سنڌياڻي تحريڪ طرفان حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو *کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي سميت صحت جي سهولت فراهم ڪئي وڃي: ٻوڏ متاثرن جو مطالبو *
  • *گهوٽڪي: عدالت پاران سبزي منڊي ۾ قائم وڪلين جون آفيسون خالي ڪرائڻ واري فيصلي خلاف اسٽي آرڊر جاري *عدالت پاران اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ بعد وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بار ۾ مٺائي ورهائي *عدالت وڪيلن جي حق ۾ اسٽي جاري ڪري وڪيلن سان انصاف ڪيو آهي: وڪيل اڳواڻ *
  • *ڏهرڪي ڀرسان ننڊ پيل ڳوٺاڻو قتل، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي *ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ اڻڄاتل جوابدار 45سالن جي عنايت علي شاهه جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويا *زخمي حالت ۾ عنايت علي شاهه کي وارث رحيم يار خان اسپتال کڻي ويا جتي هن دم ڏنو *
  • *پي ٽي آءِ سينيٽر اورنگزيب اورڪزئي پاران بني گالا ۾ سرڪاري زمين تي قبضي جو انڪشاف *سي ڊي اي ۽ ايم سي آءِ قبضي واري رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي *عدالت پاران سرڪاري ايراضي تي قبضو ڪندڙ سينيٽر ۽ سي ڊي اي آفيسرن خلاف ڪارروائي جو حڪم*
  • *ڪنري ڀرسان گھر جي ڀت ڪرڻ سبب معصوم نينگر دٻجي فوت ٿي ويو *ڳوٺ رامچند ڪولھي ۾ ڀت ڪرڻ سبب11 ورھين جو نينگر لڇمڻ پٽ گلاب ڪولھي دٻجي ويو *نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: 10 کان مٿي مختلف ڳوٺن جي بجلي گذريل ڪيترن مھينن کان بند، ڳوٺاڻن جو ٽائر ساڙي احتجاج *ٻلھڙجي، بگي ٻنڊي، گاجي ديرو ۽ وڏي وھڻي سميت مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو ايئرپورٽ روڊ بند ڪري احتجاج *بلن جي ادائگي باوجود رشوت طلب ڪئي وڃي ٿي، نه ڏيڻ جي صورت ۾ بجلي بند ڪئي وئي آهي : ڳوٺاڻا *

لاڪ ڊائون فنڪارن کان روزي کسي ورتي

شهدادڪوٽ۾فنڪارن تقريبن تان پابندي کڻڻ توڙي مالي سهائتالاءِگيت ڳائي احتجاج ڪيو

ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا وبا سبب سموري دنيا سميت پاڪستان ۾ به شادي جي تقريبن، موسيقي جي محفلن توڙي ميڙاڪن تي پابندي آهي، ان ڏس ۾ فنڪار برادري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فنڪارن مالي سهائتا توڙي تقريبن تان پابندي ختم ڪرڻ لاءِ احتجاج مظاهرا ڪيا آهن. شهدادڪوٽ ۾ ممتاز مستوئي، امير علي کرل، رياض سولنگي، منظور سولنگي، حامد علي، اچانڪ عرس کوسو سميت ٻين گيت ڳائي احتجاج ڪيو. وارهه ۾ سنڌ سنگيتڪار ايسوسيئيشن جي سڏ تي رياض عباسي ، گلزار تنيو، عاشق عباسي ، منٺار سمون ، فدا چانڊيو ۽ ٻين فنڪارن ۽ سازندن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جڏهن ته قمبر ۾ نظير مڱڻهار، روشن علي ۽ ٻين دھل وڄائي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. نوابشاهه ۾ به آل سنڌ سنگيت ايسوسي ايشن (آسا) پاران شادين جا پروگرام ايس او پيز تحت کولڻ لاءِ /ڏسو صفحو 6 بقايا 40
اعجاز سولنگي، محمد سومر راھو، علي مرتضيٰ، نديم، فرھاد سولنگي، وحيد علي، شاھنواز خاصخيلي، خادم سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ھٿن پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مٺي ۾ ٿر جي فنڪارن راڳ رنگ جي محفلن تان پابندي ختم نه ڪرڻ خلاف راڳ رنگ ڳائي انوکو احتجاج ڪيو. فنڪارن سان گڏ احتجاج ۾ شاعرن ۽ اديبن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي لوڪ فنڪاره مريم ناز. بھدر فقير ـ نوجوان راڳي اقبال فقير ـ جيديو شرما . مھندرو مستانو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته راڳ رنگ جون محفلون بند هجڻ ڪري فنڪار سخت متاثر ٿي فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. بيرورگاري سندن ٻچن کي لانگها ڪاٽڻ تي مجبور ڪيو آھي هنن چيو ته ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءُ تيار آھيون ان تحت راڳ رنگ جي محفلن جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن پنهنجي ٻچن جو گذسفر ڪري سگهون. سجاول۾فنڪارن جي تنظيم آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسيشن پاران ضلعي صدر شاد رزاق ميمڻ جي اڳواڻي ۾ مقامي گلوڪارن پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو ان موقعي تي فنڪارن شاد رزاق ميمڻ، عبد سنڌي، راجا امير حمزو ڀان، ظھير کوڙ، علي سومرو، اصغر ميمڻ ۽ ٻين احتجاج ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان جي روزگار جو واحد ذريعو راڳ جون محفلون ۽ تقريبون آهن جڏهن ته تقريبن تي پابندي سبب بيروزگار ٿي ويا آهيون ۽ فاڪاڪشي کي منهن ڏئي رهيا آهيون. سندن چوڻ هو ته پابندي ختم ڪري روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي جڏهن ته مالي سهائتا به ڪئي وڃي.

گهوٽڪي جي لاڪ ڊائون متاثر فنڪارن جي ريلي، ڳائي وڄائي احتجاج

ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) گھوٽڪي ضلعي جي 50 کان وڌيڪ مقامي فنڪارن. ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب کان ڀٽائي چوڪ تائين ريلي ڪڍي ان موقعي تي فنڪارن سارنگ ڪلادي، صداقت پتافي، رحمان ابڙو ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته لاڪ ڊائون ۾ پابندي جي ڪري شادي جون محفلون ۽ ٻيا پروگرام نه ڪري سگھيا آھيون جنھن جي ڪري ڪيترن مھينن کان گھرن ۾ ويٺل آھيون، گذر سفر ڏکيو ٿي پيو آھي ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پابندي ختم ڪئي وڃي

ڄامشورو: درگاهن تي پابندي خلاف فنڪار روڊن تي نڪري پيا

ڄامشورو (رپورٽر) ڄامشوري ۾ فنڪارن پاران محفلن، شادي تقريبن ۽ درگاهن تي پابندي خلاف دنبورا، دهل ۽ باجا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. آل سنڌ سنگيتڪار ايسوسئيشن آسا جي سڏ تي فنڪارن، شاعرن سازندن پاران دانش ٿھيم، سرمد اياز، چنيسر تيوڻو، حاڪم چانڊيو، /ڏسو صفحو 6 بقايا 42
ڍولڪ نواز انور راڄڙ ۽ ٻين يڪتارا ۽ ساز کڻي احتجاج ڪيو، سندن چوڻ هو ته پابندي سبب سنڌ جا ھزارين فنڪار سازندا ۽ انھن جا خاندان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ھنن وزيراعلي’ سنڌ ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو آھي تـ جئين ھوٽلن ٽرانسپوررٽ مارڪيٽن کي ايس او پيز تحت اجازت ڏني وئي آھي، ائين شادي ڪاڄن ۽ ننڍين تقريبن تان پاپندي ھٽائي وڃي.

ميهڙ ۾ صوفي راڳين ۽ سازندن جو ڳائي وڄائي احتجاج

ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ۾ آل سنڌ فنڪار ايسوسيئشن ضلع دادو پاران صوفي فنڪارن نديم علي چانڊيو، برڪت چانڊيو، عبدالمجيد جتوئي، حسين علي گاڏهي، فقير نظر حسين سمون، علي شير سمون، ڍولڪ نواز گل حسن مڱڻهار، باجووڃائيندڙ ماسٽر فاروق احمد سمون ۽ ٻين ميهڙ پريس ڪلب پهچي ڳائي وڄائي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن /ڏسو صفحو 6 بقايا 48
چيو ته 4 مهينن کان لاڪ ڊائون سبب بيروزگار آهيون پر سنڌ حڪومت ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ ڪا به واهر نه ڪئي وئي آهي، نوٽيس وٺي اسان جي مالي ساهتا ڪئي وڃي محفل موسيقي ۽ پروگرام ڪرائڻ جي پڻ اجازت ڏني وڃي ته جئين اسين پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پالي سگهون.

دادو ۾ آل سنڌ ميلا ايسوسيئيشن جو احتجاج، عرس بحال ڪرڻ جو مطالبو

دادو(رپورٽر) دادو ۾ آل سنڌ ميلا ايسوسئيشن جي سڏ تي پورهيتن سنڌ اندر لڳندڙ ميلا ۽ بزرگن جي مزارن تي منعقد ٿيندڙ عرس مبارڪ بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ اندر بزرگن جي مزارن تي منعقد ٿيندڙ عرس مبارڪ ۽ ميلن ملاکڙن ۾ هزارين /ڏسو صفحو 6 بقايا 47
پورهيت مٺائي، مڃار، کاڌي پيتي جي شين جا اسٽال لڳائڻ سان گڏ ٻارن ۽ ماڻهن جي تفريح لاء سرڪس، موت جو کوهه، چڙيا گهر ۽ ٻيا دوڪان لڳائيندا آهن پر 5 مهينن کان ميلن ملاکڙن ۽ عرس جي تقريب تي پابندي سبب هو بيروزگار آهن. هنن چيو ته ثقافت کاتو ۽ اوقاف کاتو سموري صورتحال تي اکيون ٻوٽي ويٺل آهن هنن چيو ته مال پڙيون لڳائڻ جي ايس او پيز تحت اجازت ڏني وئي آهي ساڳي ريت سنڌ ۾ ميلا، ملاکڙا ۽ عرس مبارڪ بحال ڪيا وڃن جئين هو روزگار ڪري سگهن.

نوان جتوئي ۾ ڊيڪوريشن ۽ مووي ميڪرز جو احتجاج

نوان جتوئي (ن پ ا) ڊيڪوريشن فنڪارن ۽ مووي ميڪرن تقريبن تي پابندي خلاف پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو. مير حسن عالماڻي ، محمد موسا خاصخيلي، درياھ خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ هٿن ۾ کڻي سخت نعري بازي ڪئي وئي. سندن چوڻ هو ته حڪومت پاران لاڪ ڊائون جو جواز ڄاڻائي اسان جا دڪان گذريل پنجن مهينن کان بند ڪري اسان کي بيروز گار ڪري ڇڏيو آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته پابندي هٽائي دڪان کولڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جئين اسان پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگهون.
قاضي احمد جي ڊيڪوريشن، مووي ميڪرن ۽ فنڪارن جي ريلي

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد جي مختلف ڊيڪوريشن، مووي ميڪرن، فنڪارن، ايڪوسائونڊن جي دڪاندارن ۽ مزدورن فنڪاربادشاھ بوزدار، يوسف بالادي، سجاد جتوئي، نصرالله بالادي، مير زرداري، موجن مري، مھتاب انڙ، عمران، زاھد، شوڪت علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏيڙان روڊ کان ريلي ڪڍي وئي. هنن چيو ته اسان کي به اجازت ڏني وڃي ته اسان به پنھنجا دڪان ايس او پيز تحت کوليون ۽ روزگار ڪري سگھون ھنن وزيراعلي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي گھري ڪئي ته ايس او پيز تحت ڊيڪوريشن . مووي ايڪوسائونڊن جا دڪان کولڻ ڏنا وڃن ۽ شادي تقريبن تان به پابندي ھٽائي وڃي ته جئين اسان پنھنجو روزگار ڪري سگھون.

سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي درگاهه کولرائڻ لاءِ احتجاج جاري

سيوھڻ (ن پ ا) عظيم صوفي بزرگ حضرت قلندر شھباز جي درگاھ پنجن مھينن کان ڪورونا وائرس سبب عام زائرين لاءِ /ڏسو صفحو 6 بقايا 45
بند آھي درگاه کي ايس او پيز تحت کولرائڻ لاءِ شهر جي سياسي سماجي مذهبي ڌرين ۽ دوڪاندارن، ريڙھي وارن مزدورن ۽ شھرين پاران 12 ڏينهن به درگاهه جي سامهون علامتي بک ھڙتال احتجاج جاري رکي وئي آھي. بک ھڙتال ڪئمپ تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پهچي شهرين سان يڪجهتي طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سيوھڻ شھر سميت ڀرپاسي جي جيڪا به آبادي آھي انھن جي ڪمائي جو ذريعو درگاه جي کلڻ ۽ زائرين جي آمد رفت تي مشتمل آهي پر درگاه بند هوندي ته هوٽلن وارا ريسٽ هائوس مالڪ ريڙهن وارا پورهيت سڀ متاثر ٿين ٿا سيوهڻ جا هزارين ۽ لکين خاندان هن وقت فاقاڪشي تي مجبور آهن حڪمران ڌرين کي هرحال ۾ درگاھ کي کولڻ گهرجي ان موقعي تي درياه خان لغاري، اشرف سولنگي، اڪبر ملاح، غلام مصطفي ميمڻ، علي اصغر سولنگي، امام علي نوحاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا.

دادو ۾ مڱڻهارن، راڳين ۽ سازندن جو تقريبون کولڻ لاءِ ڳائي وڄائي احتجاج

دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ مڱڻهارن ۽ راڳين پاران ايس او پيز تحت شادي تقريبون منعقد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ پريس ڪلب آڏو دهل وڄائي، راڳ ڳائي انوکو احتجاجي مظاهرو ڪيو. اعجاز منگي، نويد مڱڻهار، عرفان مڱڻهار ۽ ٻين چيو ته گذريل 5 مهينن کان ڪورونا وبا سبب شادين جون تقريبون بند پيل هجڻ سبب هو بيروزگاري جو شڪار ٿي فاڪا ڪشي ۾ /ڏسو صفحو 6 بقايا 46
مبتلا ٿي ويا آهن. هنن وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ايس او پيز تحت شادي تقريبون منعقد ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

Bookmark the permalink.