تازا ترين
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*
  • *پ پ اڳواڻ نثار کهڙو کي به نيب پاران گرفتار ڪرڻ جو خدشو *نثار کهڙو گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو *نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس جي ٻن انڪوائريز ۾ طلب ڪيو آهي: نثار کهڙو*
  • *قاضي احمد ويجهو تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت *گابر ڏاهري اسٽاپ وٽ حادثي ۾ نوجوان علي گل مهر ٿڏي تي فوت ٿي ويو،لاش اسپتال منتقل *
  • *ڪشمور بيگاري فيڊر مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي سگهي *اطلاع باوجود پوليس نه پهتي، لاش واقعي واري هنڌ پيل*

لاڪ ڊائون: راحت صادق سان آن لائن رهاڻ، مشاعرو، مختلف ملڪن مان ساڃاهه وند شريڪ

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڪورونا جي قيد جي بوريت ۽ يڪسوئي واري ماحول کي خوش گوار بڻائڻ لاءِ رميش راجا ۽ منظور اڄڻ پاران شروع ڪيل ھفتيوار آن لائين گڏجاڻين جي سلسلي هيٺ ستين گڏجاڻي طور ٿر جي اڀرندڙ فنڪار “راحت صادق فقير” سان آن لائين عيد ڪچھري ٿي گذري. جنھن ۾ سنڌ جي مختلف شھرن کانسواءِ آمريڪا، ڪيناڊا، آسٽريليا، فن لينڊ، اٽلي، نيدر لينڊ، جرمني، لنڊن، ھنگري، روس، بحرين، سعودي عرب ۽ دبئي مان سوين ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي. نوجوان فنڪارن راحت صادق فقير نئين شاعري نئين ڌنن
سان سريلي آواز ۾ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. پروگرام جي شروعات ۾ هڪٻئي کي عيد جون واڌايون ڏنيون ويون. ان موقعي تي رميش راجا جو چوڻ هو ته ڪيترائي سريلا فنڪار نئين شاعري نڪور ڌنن ۾ ڳائي سنڌي موسيقي کي شاندار اضافي سان مالا مال ڪري رهيا آهن جن ۾ راحت صادق فقير اڀرندڙ ستارو آهي. فنڪار راحت صادق فقير جو چوڻ هو ته سنڌي موسيقي جي واڌاري لاءِ سرڪار کي ھر سال لطيف، سچل ۽ قلندر جي ميلن تي نئين ڌن سان نوان ڪلام ڳائيندڙ فنڪار کي ايوارڊ ڏيڻ گهرجي. ان موقعي تي ڪينيڊا مان احمر نديم ميمڻ، آمريڪا مان دارا شاھد پھنور، ھنگري مان دانش پرمار ۽ جواد حيدر، نيدر لينڊ ، اٽلي مان غلام مجتبي ، روس مان ذيشان جتوئي، ڪيوبا مان علي حسن رند، جرمني مان ڪاڪا سنگهه، دبئي مان دودو کٽياڻ بحرين مان منظور سيٺار، لنڊن مان عتيق سومرو، سعودي عرب مان سنتوش کتري ۽ پاڪستان جي مختلف شھرن مان الاھي بخش مھر، ابوايليا، ضمير لاشاري، نورالدين پنهور، جنيد انور لغاري ، شاھ حسن راشدي، ،عقيل ابڙو، ، شڪيل احمد شيخ، فيصل مورائي، پرويز ڀٽو، بابو ھرداس، امان الله سولنگي، مھيش ڪمار، انيس، نور ميمڻ، رياض شاھد دايو، خوشحال ڪالاڻي، عبدالله سولنگي، حق نواز شيراز چانڊيو، چانڊيو انور عزيز، راجيش جئپال، دوست محمد حفيظ چنا ، انتظار عامر ڪلهوڙو، منير پنھنيار ، ڊاڪٽر شھزاد شيخ، علي ڄامڙو، آصف ابڙو، حسين سھتو، ثاقب علي، شھزاد عباسي، اشارت ميمڻ، حبيب ڏاھري، خالد حسين ميتلو، الله رکيو ڪوري،معين گلال، ظھيرالدين بابر ٻوھيو،سعيد ڦل، قيوم سروھي، حسين جروار،حاجي خان بوزدار، اشفاق ميمڻ، ممتاز خادم ميمڻ، امجد شر، ساحل ڪمار، شڪيل ڄامڙو ،عبدالباري اڄڻ، ۽ ٻين آن لائين شرڪت ڪئي. ميزبان منظور اڄڻ چيو ته استاد صادق فقير نئين شاعري جي چونڊ کي نئين ڌنن سان متعارف ڪرائيندڙ ۽ لفظن جي چٽائي سان ادائگي ڪندڙ ھڪ بي مثال فنڪار ھو سندس اولاد جي حيثيت ۾ راحت به پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ھن وڌيڪ اعلان ڪندي چيو ته ايندڙ پروگرام ڊاڪٽر سحر گل ڀٽي جو شاھ لطيف تي ليڪچر ھوندو. پروگرام ۾ پنھنجي ۽ ٻين جي ڀلائي لاءِ ڪورونا جي احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو ۽ حڪومت کي اپيل ڪئي وئي ته ڪورونا کان بچاءُ ۽ پورهيت جي ڪفالت لاءِ ڪوششون وٺي.

Bookmark the permalink.