تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

لاڪ ڊائون: حنا الطاف ۽ آغا علي نڪاح ڪري ورتو، شوبز فنڪارن جون واڌايون

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا حنا الطاف ۽ اداڪار ۽ ڳائڻي آغا علي گذريل ڏينهن نڪاح جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويا ان ڏس ۾ حنا الطاف طرفان انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ويون اداڪارا پنهنجي چاهيندڙن کي نڪاح جي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته ڪهڙي ريت آغا علي ۽ هو هڪ کي پسند ڪندا هئا ۽ پوءِ دوست بڻيا ۽ هاڻي ٻنهي گڏ زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو حنا الطاف ٻڌايو ته آغا علي سندس دل کٽي ورتي ۽ پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي سان حياتي گذارڻ جو فيصلو ڪري ورتو اداڪارا چيو ته هنن جمعي ڏينهن نڪاح ڪيو آهي ٻئي پاسي اداڪار ۽ ڳائڻي آغا علي به انسٽاگرام پوسٽ ذريعي مداحن کي نڪاح جي خوشخبري ٻڌائي آغا علي ٻڌايو ته ڪجهه سال اڳ هن ۽ حنا الطاف هڪ ٽي وي شو جي ميزباني ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳا هئا سندس چوڻ هو ته اسان ٻيهر ملياسين ۽ پوءِ اسان جي دوستي ٿي وئي جڏهن لاڪ ڊائون ٿيو ته مون کي ائين لڳو جيئن منهنجو ڪو حصو مونکان جدا ٿي ويو ۽ ان وقت مان حنا سان زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو آغا علي ۽حنا الطاف جي نڪاح تي سندس چاهيندڙن سميت ڪيترين ئي شوبز شخصيتن طرفان کين مبارڪون ڏنيون ويون آهن خيال رهي ته آغا علي ۽سارا خان جي بريڪ اپ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي حنا الطاف ۽ آغا علي جي لاڳاپن جي حوالي سان خبرون گردش ڪري رهيون هيون

Bookmark the permalink.