تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

لاڙڪاڻي جي فنڪارا بيماري سبب بي حال، سهڪار جي اپيل

بيمار فنڪارا سلما ساگر علاج باوجود صحتياب نه ٿي سگهي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي فنڪاره سلما ساگر بيماري سبب بي حال، ثقافت کاتي سندس جي ڪابه سار نه لڌي. تفصيل موجب ناليواري فنڪاره سلما ساگر ڪجهه عرصو اڳ بيمار هئي جنهن جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويو هو پر هو مڪمل صحتياب نه ٿي سگهي هئي هن وقت سندس ڳلو پڻ بند آهي غربت سبب سخت پريشان آهي لهر ڪالوني ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهائش پذير آهي هن ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي وظيفو مقرر ڪيو وڃي ڇو ته سندس جو گذر سفر جو ٻيو ڪوبه ذريعو ناهي ۽ مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن پيٽ جو گذر سفر ڪري سگهي

Bookmark the permalink.