تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

قرآن پاڪ هٿن سان لکڻ شروع ڪيو آهي: رابي پيرزادا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اڳوڻي اداڪارا رابي پيرزادا چيو آهي ته مان الله جي حڪم سان قرآن پاڪ هٿن سان لکڻ لڳي آهيان، ڪوشش هوندي ته مسجد نبوي کي هديو ڪريان. پنهنجي ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڪيليگرافر ۽ پرنٽر حافظ انعام الرحمان عاقب اونر دارلقلم لاهور جي ٿورائتي آهيان. هن چيو ته جيڪڏهن اوهان اسان جي اسلامي ٽيم جو حصو بڻجڻ چاهيو ٿا ته ڪمينٽس ۾ پنهنجي قابليت لکو. ٻئي پاسي رابي پيرزادا پنهنجي يوٽيوب جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن مداحن کي دم پخت پچائڻ سيکاريو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ رابي پيرزادا جو چوڻ هو ته کاڌو ٺاهڻ ڏکيو ناهي جيڪڏهن ترڪيب ٺيڪ هجي ته پوءِ هر ڪم سولو آهي. هڪ ڏينهن شيئر ڪيل وڊيو بابت هن چيو ته دم پخت جا ٻه فائدا آهن، هڪ ته هي ٻاڦ تي پچي ٿو ۽ ٻيو ته ٺاهڻ سولو آهي. وزن گهٽائڻ ۽ ڪوليسٽرول کان بچلڻ لاءِ هي غزا بهترين آهي.

Bookmark the permalink.