تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

فٽنيس ڪلب جو سماجي وٿي يقيني بڻائڻ لاءِ انوکو انداز

ڪراچي (دلچسپ نيوز) ٽورنٽو ۾ هڪ فٽنيس ڪلب سماجي وٿي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انوکو انداز اختيار ڪيو ويو آهي ۽ حفاظتي پوڊز ٺاهيا ويا آهن. ٽورنٽو ۾ فٽنيس ڪلب کولڻ جي اجازت کانپوءِ هڪ فٽنيس ڪلب انتظاميا پنهنجي ٽرينرز ۽ گراهڪن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپائن تي عمل ڪندي انوکو طريقو اختيار ڪيو ۽ ڪلب جي پارڪنگ ايريا ۾ ڌار ڌار ٽينٽ جهڙا شيشي جا پوڊز رکيا آهن. اهڙي ريت ورزش جا شوقين ماڻهو ڊومز ۾ يوگا توڙي ورزش ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته ان کان اڳ هڪ ريسٽورينٽ وڏي ٽيوب جون ٽيبلز رکيون هيون.

Bookmark the permalink.