تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

فوربز پاران امير شوبز شخصيتن جي لسٽ جاري، ڪايلي جو پهريون نمبر

ڪورونا وائرس سبب فنڪارن جي ڪمائي ۾ گهٽتائي، 100 شخصيتن 20 ڪروڙ ڊالر ڪمايا

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور آمريڪي اقتصادي رسالي فوربز هر سال جيان سال 2020ع جي سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ دنيا جي 100 شخصيتن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي. فوربز لسٽ موجب هلندڙ سال ڪورونا وائرس جي وبا سبب ڪيترين ئي شوبز ۽ راندين جي شعبي جي شخصيتن جي ڪمائي ۾ گهٽتائي آهي جڏهن ته هن سال مجموعي طور تي 100 شخصيتون گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 20 ڪروڙ ڊالرز ڪمايا آهن. هن سال سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ شخصيت 22 سالن جي ٽي وي اسٽار ۽ ماڊل ڪايلي جينر آهي جنهن گذريل 12 مهينن دوران 59 ڪروڙ آمريڪي ڊالر ڪمايا. ڪايلي جينر کي فوربز تازو سڀ کان ننڍي عمر واري ارب پتي بڻجڻ واري لسٽ مان خارج ڪيو هو. فوربز جي 2020ع جي لسٽ ۾ ٽيلر سوئفٽ سڀ کان وڌيڪ ڪمائڻ جي حوالي سان 25هين نمبر تي آهي جڏهن ته گذريل سال هو پهرئين نمبر تي هئي. هلندڙ سال سندس ڪمائي ساڍا 6 ڪروڙ ڊالر کان به گهٽ ٿي وئي. سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙن ۾ ڀارت جي هڪ ئي شخصيت بالي ووڊ کلاڙي اڪشي ڪمار جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ لسٽ ۾ 52هين نمبر تي آهي. اڪشي ڪمار گذريل 12 مهينن ۾ 4 ڪروڙ 82 لک ڊالر ڪمائي ڪئي. چيني سپر اسٽار جيڪي چن، هالي ووڊ اداڪار ۽ ڳائڻي جينيفر لوپيز، ڳائڻي ريانا، اداڪار ول اسمٿ، ٽينس اسٽار نوواڪ جوڪووچ، ٽريوس اسڪاٽ ۽ اوپرا ونفري به ڪمائي ۾ کانئس پوئتي رهيا. ڪايلي جي بواءِ فرينڊ ۽ سندس ڌيءُ جي پيءُ ڳائڻي ٽريوس اسڪاٽ 3 ڪروڙ 95 لک ڊالر ڪمائي ڪئي ۽ هو 82هين نمبر تي رهيو. فهرست ۾ ڪايلي جينفر جي ماٽيلي ڀيڻ ۽ ٽي وي اسٽار ڪم ڪارڊيشيئن ڪمائي جي حوالي سان 48هين نمبر تي آهي سندس مڱيندو ڪائني ويسٽ ٻئي نمبر تي رهيو.

Bookmark the permalink.