تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

فنڪارائون هڪ ٻئي سان ساڙ ڪن ٿيون: ميرا

لاهور (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ميرا چيو آهي ته شوبز ۾ منافقت جي ڪا حد ناهي ۽ ڪجهه ماڻهو ته ايوارڊ جا حقدار آهن، ماڻهو منهن تي اوهان جي تعريف ڪن ٿا ۽ پر پٺ اهڙيون ڳالهيون ڪن جا جن جو ذڪر لفظن ۾ ممڪن ناهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو آهي ته بدقسمتي سان اسان ٻٽي معيار ۾ مبتلا ٿي چڪا آهيون اسان جي ظاهر ۽ باطن ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. مون کي جنهن جو ڪم سٺو لڳي ٿو ته مان منهن تي به ان جي واکان ڪريان ٿي ته پرپٺ به ان جي واکاڻ ڪريان ٿي. شوبز جي دنيا ۾ خاص طور تي عورت اداڪارائن ۾ ساڙ جي انتها آهي ڪا به اوهان جي ڪاميابي ڏسي خوش نٿي ٿئي پر پير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته ٻٽي معيار بدران بنا ڊپ سچ جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.