تازا ترين
  • *غوثپور ۾ 2 مغوي بازياب: پوليس پاران مقابلي بعد هڪ هٿياربند کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ * غوثپور/ڪرمپور: 5 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل زوهيب ۽ فردوس پٺاڻ کي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو *
  • *ڪراچي: وڏي وزير پاران عبدالقادر جوڻيجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار کير جا دڪان رات 8 وڳي تائين کولڻ جو حڪم*
  • *اسلام آباد: وزيراعظم جو ڪورونا سان وڙهڻ لاءِ ٽائيگر فورس ٺاهڻ جو اعلان * اسلام آباد:ڪورونا وائرس بزرگن ۽ بيمار ماڻهن لاءِ خطرناڪ آهي:عمران خان * اسلام آباد: ڪهڙي قسم جو لاڪ ڊائون ڪامياب نٿو ٿي سگهي: عمران خان * اسلام آباد:قوم متحد ٿي ڪورونا وائرس سان وڙهي سگهي ٿي: وزيراعظم * اسلام آباد: 5 کان 7 ڏينهن تائين ڪورونا جي صورتحال واضح ٿي ويندي:وزيراعظم * اسلام آباد: قوم کي چوان ٿو ته هيءَ جنگ اسان کي گڏجي وڙهڻي آهي:عمران خان * اسلام آباد: ماڻهن جي بُکن تي پئسا ٺاهيندڙ منافعي خورن کي بخش نه ڪبو:وزيراعظم * اسلام آباد: منافعي خورن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي: عمران خان *
  • *ڪراچي: هاڻي مون کي ڪورونا وائرس ناهي: صوبائي وزير سعيد غني جو وڊيو بيان*
  • *ڪراچي: ڪورونا وائرس: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تبليغين کي روڪيو ويو، مرڪزن کي پوليس جو ڪڙو، چرپر تي پابندي * ڪراچي: لاڙڪاڻو، نوابشاهه، ڄامشورو سميت ٻين شهرن ۾ پوليس تبليغين کي روڪي ورتو *
  • *ڪراچي: جمعي نماز دوران اجتماع ڪندڙن خلاف ڪيس ختم ڪريو: وڏي وزير جي آءِ جي سنڌ کي هدايت * ڪراچي: جن به ماڻهن ضمانتون ڪرايون آهن، انهن کي پنهنجا مچلڪا واپس ڪيا ويندا: وڏو وزير * ڪراچي: عالمن حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي: سيد مراد علي شاهه*
  • *ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 21 متاثر صحتياب: انگ 41 ٿي ويو*
  • *حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ڊي ايس پيز جون بدليون ۽ مقرريون:اسلم لانگاهه وڏي عرصي بعد بدلي، سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر *حيدرآباد: مورو، جهول، کپرو، ٽنڊوالهيار، حسين آباد سميت اٺن تعلقن جا ڊي ايس پيز بدلي *حيدرآباد: انور شيخ جي جاءِ تي اسلم لانگاهه کي سي آءِ اي انچارج ٽنڊوالهيار مقرر ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪيءَ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.*
  • *ڪريم بخش کوسو ڀرسان مينهن ٽَڪر هڻي ڇهن ٻارن جي پيءُ کي ماري ڇڏيو*
  • *اتر وزيرستان ۾ ن ليگ جي اڳوڻي ايم اين اي محمد نذير تي قاتلاڻو، محفوظ*
  • *سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، گهرواري جو مخالفن تي قتل جو الزام*
  • *ميرپورماٿيلو: ڊسٽرڪٽ اسپتال جي انتظاميه حفاظتي ڪٽس نه مليون، ڊاڪٽرز، نرسز ۽ عملي ۾ ڪورونا جو خدشو*
  • *ميهڙ ڀرسان ٻن ڳوٺن ۾ آيل تبليغي جماعت جي 21 مولوين کي پوليس ٻن مسجدن ۾ بند ڪري ڇڏيو*

فلمي ڪيريئر جي شروعات ۾ نالو تبديل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو: جيڪولين

بالي ووڊ ۾ اهو چيو ويو ته نالو اولهه طرز جو آهي جنهن کي تبديل ڪري ”مسڪان“ نالو رکان

ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارتي فلم اسٽار جيڪولين فرنينڊس جو چوڻ آهي ته جڏهن هن بالي ووڊ ۾ پنهنجو فلمي ڪيريئر شروع ڪيو ته کيس چيو ويو ته سندس نالو ويسٽرن آهي، اهو نه هلندو، ان کي تبديل ڪريو. نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنينڊس پنهنجي فلمي ڪيريئر دوران پيش آيل مسئلن بابت ٻڌايو ته جڏهن هن بالي ووڊ ۾ پير رکيو ته کيس نالو تبديل ڪري مسڪان رکڻ جو چيو ويو. جيڪولين موجب منهنجي ايجنسي به ان تي غور فڪر ڪيو ته ڇا واقعي نالو تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي يا نه. انڊسٽري جي ماڻهن مون کي چيو ته اوهان اولهه جي ڇوڪري آهيو ۽ اوهان جو نالو به اولهه جو آهي اوهان لاءِ بالي ووڊ ۾ نالو ڪمائڻ ڏکيو هوندو ۽ مون کي وري وري زور ڏنو ويو ته مان پنهنجو نالو تبديل ڪريان. اداڪارا موجب مان سڪون سان سوچيو ۽ پوءِ فيصلو ڪيو ته مان پنهنجي ان ئي نالي سان بالي ووڊ ۾ نالو ڪمائينديس ڏسان ٿي ته نيٺ ڪيستائين هلي سگهان ٿي. هن چيو ته بالي ووڊ ۾ ڪيريئر جي شروعات ۾ مون کي چيو ويو ڀرون گهاٽا ڪرايان ڇو ته اهي سنهڙا آهن. ڳالهائيندي هيس ته منهنجي لهجي جو سڀ مذاق اڏائيندا هئا ۽ مون کي هندي سکڻ لاءِ چيو ويو. جڏهن مان ڀارتين جي ثقافت اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مذاق اڏايو ويو جنهن کي ڏسي مون کي بي حد افسوس ٿيو. مان هڪ ڀيرو ڏياري پارٽي ۾ ڀارتي روايتي لباس پهري ويس ته منهنجي ٽن ساٿي اداڪارن مون کي چيو ته تون ساڙهي ڇو پهري، تون ڀارتي ته ناهين. واضح رهي ته جيڪولين 2009ع ۾ فلم الادين سان بالي ووڊ ۾ انٽري ڏني هئي.

Bookmark the permalink.