تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

فريال محمود ۽ دانيال راحيل به سادگي سان شادي ڪري ورتي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) تازو اداڪارا حنا الطاف ۽ آغا علي ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏينهن ۾ سادگي سان نڪاح ڪيو هو ۽ هاڻي هڪ ٻي پاڪستاني جوڙي به سادگي سان شادي ڪري ورتي آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب دانيال راحيل ۽ فريال محمود پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ سادگي سان پنهنجي ويجهن ڪٽنب وارن جي موجودگي ۾ شادي ڪري زندگي جو نئون سفر شروع ڪيو.دانيال راحيل پنهنجي فيس بڪ پوسٽ ۾ فريال محمود سان لاڳاپن ۽ محبت جي حوالي سان ٻڌائيندي پنهنجي والدين ۽ مائٽن جا ٿورا مڃيا. جڏهن ته هن پنهنجي پوسٽ ۾ واضح طور تي اهو ناهي ٻڌايو ته هن شادي ڪري ورتي آهي پر هن پنهنجي پوسٽ ۾ اشارو ڏنو ته هو جلد هڪ ٿيڻ وارا آهن. دانيال فريال محمود کي پوسٽ ۾ مخاطب ٿيندي چيو ته هو جلد هڪ ٿيڻ وارا آهن ۽ گڏوگڏ کيس ڪنوار جي طور تي لکندي فوٽوگرافر کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو سندس تصويرون وٺڻ لاءِ تيار رهي.

Bookmark the permalink.