تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

فالوورز کي چئو ته مون کي به فالو ڪن: ياسر جي ايمن کي اپيل

اداڪار ياسر ايمن خان کي سڀ کان وڌيڪ فالوورز هجڻ تي مبارڪون ڏنيون

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) مشهور اداڪار ياسر حسين انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالوورز رکندڙ اداڪارا ايمن خان کي سفارش ڪئي آهي ته هو پنهنجي فالوورز کي چوي ته هو مون کي به فالو ڪن. تازو اداڪار ياسر حسين انسٽاگرام تي ايمن خان کي مبارڪون ڏنيون. هن مزاحيه انداز ۾ ايمن کي چيو ته هاڻي پنهنجي 6 ملين فالوورز کي چئو ته هو مون کي به فالو ڪن. هن وڌيڪ لکيو ته ايمن مان ڏسڻ چاهيان ٿو ته تنهنجا فالوورز تنهنجي ڪيتري ٻڌن ٿا. ياد رهي ته ايمن خان انسٽاگرام تي 6 ملين فالوورز سان گڏ پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ شخصيت بڻجي وئي آهي ۽ اهڙي ڊوڙ ۾ هن جڳ مشهور اداڪارا ماهرا خان کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. ماهرا خان جا انسٽاگرام تي 5 ڏهائي 9 ملين يعنيٰ 59 لک فالوورز آهن جڏهن ته ايمن خان جا 60 لک فالوورز آهن.

Bookmark the permalink.