تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

فالج جي مريضن لاءِ مددگار روبوٽڪ لباس تيار

ٽيڪساس (دلچسپ نيوز) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ فالج جا مريض تيزي سان پنهنجي عضون جي حرڪت وڄائي ويهن ٿا. ان ڏس ۾ هٿن جي حرڪت ۽ گرفت به ڪمزور ٿي وڃي ٿي پر بحالي ۽ فزيو ٿراپي کانپوءِ به ڪيترائي حصا بحال نٿا ٿين. فزيو ٿراپي جا ماهر ۽ ٻيو عملو هٿن جي حرڪت جي بحالي ۾ مدد ڪري ٿو ۽ اهو عمل ان لاءِ ڪيو وڃي ٿو جيئن دماغ کي ٻيهر ياد ڪرائي سگهجي ۽ مريض نارمل ٿي وڃي پر هاڻي هارمني ايس ايچ آر روبوٽڪ لباس اهڙي ڪيفيت ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هي سمورو روبوٽڪ نظام ٽيڪساس جي شهر آسٽن ۾ واقع هڪ فرم هارمني بايونڪس تيار ڪيو آهي جيڪو مريضن جي مدد ڪندو.

Bookmark the permalink.