تازا ترين
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

عيد تي پنهنجن کان پري رهڻ عجيب آهي: صنم سعيد

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان ٽي وي ۽ فلم انڊسٽري جي مقبول اداڪارا صنم سعيد عيد جي موقعي تي عالمي وبا کي نظر ۾ رکندي مائٽن ۽ ويجهن دوستن کان پري عيد ملهائڻ کي عجيب احساس قرار ڏنو آهي. انسٽاگرام تي صنم سعيد مداحن کي عيد جون مبارڪون ڏيندي هدايت ڪئي ته هو ڪورونا کان بچاءَ تحت ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪن. هن لکيو ته هو اميد ڪري ٿي ته سڀ ماڻهو عيد آگاهي، عاجزي ۽ امن سان ملهائيندا. اداڪارا لکيو ته موجوده وقت انتهائي ڏکيو ۽ امحتان جو وقت آهي حڪومت طرفان ٺاهيل ايس او پيز تي عمل ڪري اسان صحت جي شعبي کي بحال ڪيو آهي. ڪورونا کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون.

Bookmark the permalink.