تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

عورتن تي تشدد کي من موهيندڙ انداز ۾ نه ڏيکاريندي آهيان: لينا ڊيل ري

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) آمريڪي پاپ ڳائڻي، موسيقار، ليکڪه ۽ اداڪارا لينا ڊيل ري پاڻ تي لڳل الزامن کي رد ڪندي واضح ڪيو آهي ته هو عورتن تي مردن جي تشدد کي رومانوي ۽ من موهيندڙ انداز ۾ پيش نٿي ڪري پر هو حقيقت بيان ڪري ٿي. ڳائڻي جي گهڻو ڪري گانا حقيقت پسندي ۽ مردن ۽ عورتن و ۾ لاڳاپن تي ٻڌل هوندا آهن جن ۾ ٻنهي جي لاڳاپن ۾ ايندڙ مسئلن جو ذڪر به ڪيو ويندو آهي. ڳائڻي تي الزام لڳاييو ويو آهي ته هو ڄاڻي واڻي اهڙا گانا ٺاهي ٿي جن ۾ عورتن کي ڪمزور ڏيکاريو وڃي ٿو. هاڻي ڳائڻي اهڙن الزامن جي ترديد ڪندي بيان جاري ڪيو آهي. هن هڪ ڊگهي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ لکيو ته اچ آهي ته اهڙا گانا تيار ڪيا جيڪي اڄوڪي دور سان هڪ جهڙائي نٿا رکن ۽ اهڙن گانن کي ڊيليٽ به ڪيو آهي ۽ اڳتي اهڙا گانا نه ٺاهينديس پر مون مٿان لڳايل سمورا الزام غلط آهن.

Bookmark the permalink.