تازا ترين
  • *ڪراچي: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ انسپيڪٽر ناصر الحسن جي ٽارگيٽ ڪلنگ بابت ڪيس تي ٻڌڻي *ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي عدالت 5 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو *اکين ڏٺن شاهدن جي تڪراري بيان جي ڪري ڏوهه ثابت نه ٿي سگهيو آهي: پوليس *
  • * ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ شاگردن جي امتحان جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا *ڪراچي: ميٽرڪ بورڊ سائنس گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو *ڪراچي: هڪ لک 68 هزار 880 شاگرد امتحان ۾ ڪامياب قرار*
  • *ڪشمور ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، واٽهڙو پيرسن زخمي *هٿياربندن جي فائرنگ ۾ عيد گاهه واسي علي گل سولنگي ۽ واٽھڙو پيرسن شاھمور خالدي زخمي ٿي پيا *زخمي سول اسپتال منتقل، نوجوان کي رحيم يار خان نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين *مورزادو جکراڻي ۽ ڏاڏو جکراڻي نوجوان کي قتل ڪيو، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي: وارث *
  • *محرابپور ويجهو نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت *ڳوٺ ولي آباد ۾ علي ولد رمضان آرائين پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو *
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سرڪاري زمين تي پيٽرول پمپس ليز تي ڏيڻ بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي *عدالت ڪمشنر فيصل آباد پاران پيش ڪيل رپورٽ رد ڪري ڇڏي *سپريم ڪورٽ پاران ايندڙ ٻڌڻي تي ڪمشنر فيصل آباد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم *حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٻئي جيل ويندا: سپريم ڪورٽ*
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

علي ظفر کي سول ايوارڊ ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو

عفت پنهنجي ٽوئيٽ ۾ علي ظفر جو نالو وٺڻ کانسواءِ کيس ايوارڊ لاءِنامزدڪرڻ تي ڪاوڙظاهرڪئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) حڪومت پاڪستان طرفان راڪ اسٽار علي ظفر کي اعليٰ سول ايوارڊ ڏيڻ تي عورتن جي حقن بابت آواز اٿاريندڙ تنظيمن طرفان اعتراض ڪيو پيو وڃي. 14 آگسٽ تي صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي طرفان 24 شخصيتن لاءِ ستاره شجاعت، 27 لاءِ ستاره امتياز جڏهن ته 44 شخصيتن لاءِ صدارتي تمغه حسن ڪارڪردگي جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ سڀني شخصيتن کي اهي ايوارڊز 23 مارچ تي ڏنا ويندا. اعليٰ سول ايوارڊز لاءِ پاڪستان انٽرٽينمينٽ انڊسٽري سان واسطو رکندڙ اداڪارا بشريٰ انصاري، صوفي ڳائڻي عابده پروين، سڪينه سمون، همايون سعيد ۽ ڳائڻي علي ظفر کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڳائڻي علي ظفر اعليٰ سول ايوارڊ تي نامزدگي لاءِ خوشي جو اظهار به ڪيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ اداڪارا ۽ ماڊل عفت عمر هڪ ٽوئيٽ ڪئي جنهن ۾ هن ڳائڻي علي ظفر کي اعليٰ سول ايوارڊ لاءِ نامزد ڪرڻ تي تنقيد ڪئي. عفت عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو هو ته رڳو پاڪستان ۾ اهو ممڪن آهي ته حڪومت طرفان مبينا طور تي هراساني ۾ ملوث شخص کي ايوارڊ ڏنو وڃي. عفت عمر ٽوئيٽ ۾ سڌي ريت علي ظفر جو نالو نه ورتو پر هن لي ظفر کي سول ايوارڊ لاءِ نامزد ڪرڻ تي ڪاوڙ ظاهر ڪئي. ٻئي پاسي عورت مارچ، عورت آزادي مارچ، ويمن ايڪشن فورم ۽ تحريڪ نسوان طرفان صدر مملڪت عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان کي خط لکيو ويو آهي. ڄاڻايل خط ۾ علي ظفر کي اعليٰ سول ايوارڊ ڏيڻ بابت فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسان پاڪستاني معاشري کي وڌيڪ مساوي بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جنسي هراساني کي منهن ڏيندڙ عورتن کي انصف فراهم ڪيو وڃي ۽ ڪم جي جاءِ تي تشدد جو خاتمو پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. خيال رهي ته 20018ع ۾ ميشا شفيع ڳائڻي علي ظفر تي جنسي هراسن ڪرڻ جو الزام لڳايو هو.
ڳائڻي کي بدنام ڪرڻ جي مهم هلائي پئي وڃي: وڪيل

ڪراچي: پاڪستاني ڳائڻي ۽ اداڪار علي ظفر جي وڪيل عورتن جي حقن بابت آواز اٿاريندڙ تنظيمن طرفان صدر مملڪت ۽ وزيراعظم کي لکيل خط کي ڳائڻي کي بدنام ڪرڻ جي مهم قرار ڏئي ڇڏيو. ڳائڻي جي وڪيل بيريسٽر عنبرين قريشي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ عورت مارچ طرفان علي ظفر کي تمغه حسن ڪارڪردگي ڏيڻ خلاف صدر مملڪت کي لکيل خط تي رد عمل جاري ڪيو آهي. رد عمل ۾ چيو ويو آهي ته هي انتهائي بدقسمتي آهي جو عورتن جي حقن لاءِ وڙهندڙ تنظيمون ٻين جا حق ڦٻائي رهيون آهن ۽ بدنام ڪرڻ جيمهم جو حصو بڻجي رهيون آهن. علي ظفر جي ليگل ڪائونسل چيو ته ميشا شفيع طرفان جنسي هراساني جي شڪايت پنجاب محتسب کانپوءِ گورنر پنجاب ۽ لاهور هاءِ ڪورت به خارج ڪري چڪي آهي ۽ سپريم ڪورٽ هيل تائين لاهور جي عدالت عاليه جي فيصلي خلاف اپيل جي اجازت ناهي ڏني. ان کانسواءِ ميشا شفيع طرفان ڪيس به عدالت علي ظفر جي ڪيس جي فيصلي تائين روڪي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن ميشا شفيع خلاف هڪ ارب هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي هئي ان لاءِ سندس خلاف التوا هيٺ ڪيسز جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

Bookmark the permalink.