تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

علي ظفر پاران گلن سان مخاطب ٿيڻ جي ڪوشش

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ڳائڻي علي ظفر پنهنجي گهر جي باغ ۾ گلن سان مخاطب ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. گذريل ڏينهن اداڪار ٽوئٽر تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ڳائڻو پنهنجي گهر جي باغ ۾ موجود آهي. ٽوئٽر تي شيئر ڪيل تصوير سان علي ظفر پنهنجي مداحن لاءِ لکيو ته هن تصوير ۾ اوهان جو ڀاءُ گلن سان مخاطب ٿيڻ جي ڪوشش ۾ پوز هڻي رهيو آهي. ڳائڻي جي اهڙي پوسٽ تي مداحن مزاحيا تبصرا ڪيا. عمير علوي نالي صارف لکيو ته ننڍپڻ ۾ محبت ته ڪئي هوندي. هڪ صارف لکيو ته اوهان جي ڳالهه ئي نرالي آهي. هڪ لکيو ته واه ڀائي واهه سادگي. هڪ ٻئي صارف لکيو ته اسٽائيل سٺو آهي اوهان جو.

Bookmark the permalink.