تازا ترين
  • *سڪرنڊ: مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ، آبادگارن جو ايريگيشن آفيس اڳيان احتجاج *احتجاج دوران گرمي سبب هڪ آبادگار بيهوش ٿي ويو، اسپتال منتقل *آبادگارن ايريگيشن آفيسر جي ڪرسي تي پوتي ۽ ٽيبل تي چوڙيون رکي نعريبازي ڪئي *شهباز شاخ، راهب شاهه شاخ ۽ سڪرنڊ شاخ ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪئي وڃي: آبادگار *
  • *شاھپورچاڪر: رورل هيلٿ سينٽر ۾ جو هڪ ٻيو ملازم ڪورونا جو شڪار *رورل هيلٿ سينٽر جي ليب اسسٽنٽ جي ڪورونا ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي، گهر ۾ آئيسوليٽ *شاهپورچاڪر ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ وڌي 11 ٿي ويو *
  • *دولتپور صفن ۾ رولو ڪتن جو آزار، 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ مٺا خان جوکيو ۾ ھڪ ئي 8 ڄڻن کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪيو، اسپتال منتقل*
  • *ملير: قائد آباد پل تي ڪوچ ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي *فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي وسيم پٽ ناصر طور ٿي *
  • *جھول ۾ بدامني خلاف ٿاڻي آڏو سول سوسائٽي جو احتجاج *چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن: احتجاج ڪندڙ *
  • *دوڙ تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس ظاهر، متاثرن جو انگ 150 ٿي ويو: فوڪل پرسن *متاثرن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو پيو وڃي: فوڪل پرسن *
  • *نصيرآباد: ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد صحت کاتي پاران ماڻهن جا سيمپلز وٺڻ وارو عمل جاري *شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ٽيم 200کان وڌيڪ ماڻهن جا سيمپلز ورتا *رپورٽس ڪجهه ڏينهن اندر اينديون: صحت کاتو *
  • *سانگهڙ: اينٽي ڪرپشن ٽيم جو يونين ڪائونسل هٿونگو جي آفيس تي ڇاپو *اينٽي ڪرپشن ٽيم يوسي هٿونگو جي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هنيو *
  • *ڄام صاحب: ڪورونا جا 4ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *متاثرن ۾ 2 پوليس اھلڪار به شامل *
  • *ننگرپارڪر ويجهو نوجوان جو لاش هٿ *ڳوٺ خانپور ۾21 ورهين جي ھريش پٽ ڪٽيو ڪولھي جو لاش ھٿ *نوجوان کي پيٽ ۾ چاقو لڳل آهي: پوليس *پٽ رات ماني کائي 3 دوستن سان گڏ نڪتو ھو، صبح جو لاش مليو آھي: پيءُ *پٽ کي قتل ڪيو ويو آھي، انصاف ڪيو وڃي: ڪٽيو ڪولھي *
  • *ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ريفرنس: آصف زرداري طرفان فرد جرم لاڳو ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان معذرت *آصف زرداري ڪورونا ۽ ٻين بيمارين سبب پيش نٿو ٿي سگهي: وڪيل جي احتساب عدالت کي آگاهي* احتساب عدالت طرفان آصف زرداري مٿان وڊيو لنڪ ذريعي فردم جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو * آصف زرداري سوڌو 14 جوابدار 4 آگسٽ تي طلب، نيب کي انتظام مڪمل ڪرڻ جي هدايت *
  • *ميرپورخاص: رحيم نگر مان مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي گھران نڪتل ناري ٿاڻي تي پهچي وئي *19ورھين جي ناري راڻي لاگھاڻي سٽلائيٽ ٽائون ٿاڻي پھچي وئي *مڙس سان ھاڻي گڏي رھڻ نٿي چاھيان: ناري راڻي لاگهاڻي *ناري جي مڙس جي چاچي نبي بخش لاگھاڻي ناري جي گم ٿيڻ بابت ٿاڻي تي درخواست ڏني ھئي *
  • *قبوسعيدخان وجهو تيز رفتار ڪار ڪلٽي، 2 ڄڻا زخمي *ٻنهي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شهداڪوٽ اسپتال منتقل*
  • *ٺل ويجهو معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 6ڄڻا زخمي *ڳوٺ جونسال ڪنڊراڻي ۾ ڪنڊراڻي ۽ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو*

عفت پاران خليل الرحمان جي لکيل فلم”لنڊن نهين جائونگا“کان لاتعلقي جواعلان

خليل الرحمان جي لکيل فلم ۾ شامل ٿيڻ تي پڇتاءُ ٿي رهيو آهي، لاتعلقي جو اعلان ڪريان ٿي

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ ماڊل عفت عمر خليل الرحمان قمر ۽ ماروي سرمد تڪرار کانپوءِ فلم لنڊن نهين جائونگا کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو. خليل الرحمان قمر ۽ سماجي ڪارڪن ماروي سرمد وچ ۾ نجي ٽي وي چينل جي شو ۾ “ميرا جسم ميري مرضي“ جهڙي نعري تي بحث ٿيو هو. سوشل ميڊيا تي صارفين خليل الرحمان جي مخالفت ۽ ڪجهه صارفين سندس حمايت به ڪري رهيا آهن. خليل الرحمان تي تنقيد ڪندڙن ۾ اداڪارا عفت عمر به شامل آهي. هن گذريل ڏينهن خليل الرحمان جي لکيل فلم “لنڊن نهين جائونگا” کان لاتعقلي جو اعلان ڪري ڇڏيو. انسٽاگرام اڪائونٽ تي هن لکيو ته هن فلم ۾ شامل ٿيڻ تي کيس پڇتاءُ ٿي رهيو آهي. مان هن فلم سان لاتعلقي جو اعلان ڪريان ٿي ۽ مان ان کي ڏسڻ به نه وينديس، مان پاڻ کان معافي گهران ٿي ۽ سخت شرمنده آهيان ته هي فيصلو مان اڳ ڇو نه ورتو. پر اڄ مان هن شخص ۽ جيڪي به ساڻس ڪم ڪن ٿا انهن سان بائيڪاٽ ڪريان ٿي.

Bookmark the permalink.