تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

عفان وحيد شوبز انڊسٽري ۾ آندو: يمنيٰ زيدي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا يمنيٰ زيدي چيو آهي ته کيس شوبز انڊسٽري ۾ آڻيندڙ عفان وحيد آهي. هن هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ چيو ته عفان وحيد سندس ڀيڻ جو سٺو دوست آهي ۽ هن ئي کيس شوبز انڊسٽري ۾ متعارف ڪرايو. هن عفان وحيد کي هڪ بهترين انسان چوندي ٻڌايو ته جڏهن هو اٺين درجي ۾ هئي ته سندس پهريون ڊرامو نجي ٽي وي تي هليو ۽ عفان وحيد کيس شوٽنگ لاءِ پاڻ سان وٺي ويندو هو ۽ پوءِ عڪسبندي کانپوءِ گهر واپس ڇڏيندو هو. هن چيو ته کيس عفان وحيد ئي ڊرامن ۾ ناڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.

Bookmark the permalink.