تازا ترين
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

عامر لياقت جي مذاق کان پوءِ عدنان صديقي معافي گهري ورتي

لاهور (شوبز نيوز) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ ٽي وي شو جي ميزبان عامر لياقت حسين تازو ئي پنهنجي شو جي دوران ڀارتي اداڪاره سري ديوي ۽ اداڪار عرفان خان جي فوت ٿي وڃڻ تي عدنان صديقي سان نامناسب مذاق ڪيو جنهن تي سوشل ميڊيا صارفين به ڪاوڙجي پيا ۽  هنن عامر لياقت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو. رپورٽ موجب عامر لياقت حسين تازو ئي پنهنجي ٽي وي شو ۾ اداڪار عدنان صديقي کي گهرايو ۽ ان دوران هن عدنان صديقي سان نامناسب مذاق ڪئي جنهن تي عدنان صديقي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ميزبان عامر لياقت عدنان صديقي کي چيو ته اوهان جنهن اداڪار سان گڏ ڪم ڪريو ٿا اهو دنيا مان هليو ويندو آهي. اوهان سري ديوي سان گڏ ڪم ڪيو اها به هلي وئي ۽ اوهان عرفان خان سان گڏ ڪم ڪيو ته هو به فوت ٿي ويو. عامر لياقت جي  نامناسب مذاق تي عدنان صديقي چيو ته اها ڳالهه اوهان جي لاءِ مذاق هوندي پر مان ائين نٿو سوچان. عرفان خان ۽ سري ديوي ٻئي منهنجا ويجها دوست هئا. جنهن کان پوءِ عامر لياقت واري شو جي وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ۽ صارفين طرفان  هن کي تنقيد جو نشانو بنايو ويو. سوشل ميڊيا تي صارفين جي تنقيد کان پوءِ اداڪار عدنان صديقي به پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ ان جي طرفان ٽوئٽر تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي وئي. عدنان صديقي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته عامر لياقت جي شو ۾ شرڪت ڪرڻ تي مون کي ڏک پهتو آهي. عامر لياقت نهايت ئي حساس موضوع تي مذاق اڏايو جيڪا هر لحاظ سان نامناسب آهي. عدنان صديقي پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ڪنهن جي موت جو مذاق اڏائڻ انتهائي خراب ڳالهه آهي. عامر لياقت جي مذاق سبب نه صرف منهنجي پر پوري ملڪ جي طرفان هڪ منفي پيغام ويو آهي.

Bookmark the permalink.