تازا ترين
  • ن ليگ طرفان شهباز شريف جي گرفتاري خلاف احتجاج جو اعلان: شهباز شريف کي ڀاءُ سان وفاداري جي سزا ملي: مريم نواز*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

عامر خان جي ترڪ خاتون اول سان ملاقات تي ڀارتي مٿس ڏمريل

بالي ووڊ اداڪار عامر خان فلم “لال سنگهه چڍا” جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ ترڪي ۾ موجود

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان ترڪ خاتون اول امينا اردوان سان استنبول ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ڀارتي عامر خان تي ڏمريل آهن. نجي خابرو ويب سائيٽ ترڪ خابرو اداري اناطولو جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته عامر خان پنهنجي ايندڙ فلم لال سنگهه چڍا جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ ترڪي ۾ موجود آهي ۽ هن پاڻ ترڪ خاتون اول سان ملاقات جي درخواست ڪئي هئي. عامر خان ترڪ خاتون اول کي زال ڪرن رائو طرفان ڀارت ۾ شروع ڪيل سماجي ڀلائي وارن منصوبن بابت آگاهه ڪيو. هن کيس ٻڌايو ته ڪيتري قدر ترڪ ۽ ڀارت جي عوام جي ثقافت ۽ کاڌا هڪ جهڙا آهن. هن پنهنجي منصوبن بابت به کيس ٻڌايو ۽ فلم انڊسٽري ۾ اچن جي پنهنجي ڪهاڻي به بيان ڪئي. رپورٽ موجب عامر خان ٻڌايو ته هو ترڪي ۾ پنهنجي ايندڙ فلم لال سنگهه چڍا جي شوٽنگ لاءِ ماڳ ڏسڻ آيو آهي ۽ کيس اميد آهي ته کيس ڀارت جهڙا ماڳ هتي به ملي ويندا. ملاقات دوران عامر خان ترڪ خاتون اول کي شوٽنگ دوران فلم سيٽ تي اچڻ جي دعوت به ڏني. ترڪ خاتون اول پنهنجي ٽويٽر اڪائونٽ تي اهڙي ملاقاتون جون تصويرون شيئر ڪري خوشي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. تصويرون ۽ خبرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڀارتي ماڻهو مسٽر پرفيڪشنسٽ تي ڪاوڙجي پيا کيس ملڪ دشمن به قرار ڏنو. ڀارتي خابرو اداري نيوز 18 موجب ڪيترائي ماڻهو عامر خان کي تنقيد جو نشانو بنائي رهيا آهن. انتهاپسندن الزام لڳايو آهي ته اڳ به هو پنهنجين فلمن ۾ هندو مخالف مواد ڏيکاريندو هو ۽ هاڻي هو ڀارت مخالف ۽ دشمنن سان ملاقات ڪندي نظر اچي ٿو. هڪ همراهه ٽوئٽر تي لکيو ته ڀارت جي ٽنهي خانز نيتن ياهو سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ هاڻي عامر خان ڀارت مخالف ترڪي جي خاتون اول سان ملاقات ڪري ورتي آهي. ترڪي هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. اهڙي ريت مختلف ڀارتي ٽوئٽر صارفين طرفان عامر خان کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

Bookmark the permalink.