تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

عاصم اظهر ڪورين بينڊ سان ڪم ڪرڻ جو خواهشمند

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) نوجوان ڳائڻي عاصم اظهر ڪورين بينڊ بي ٽي ايس سان ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. عاصم اظهر پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ چيو ته سندس خواهش آهي ته هو ڪورين بينڊ بي ٽي ايس سان هڪ گانو رڪارڊ ڪري. هن لکيو ته جڳ مشهور بينڊ سان ڪم ڪرڻ جو اعزاز ۽ ان جي ڀائيواري ۾ هو پهريون پاڪستاني بڻجڻ تي خوشي محسوس ڪندو. نوجوان ڳائڻي لکيو ته ثقافتن کي عبوري ڪندي پنهنجي ثقافت کي ٻئي ملڪ پهچائڻ هڪ خوبصورت طرز عمل آهي. هن اهو به لکيو ته ڪورين بينڊ بي ٽي ايس ڪيترن ئي حوالن سان پنهنجو مٽ پاڻ آهي. خيال رهي ته بي ٽي ايس بينڊ دنيا ۾ مقبول آهي.

Bookmark the permalink.