تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

عاصم اظهر جو بالي ووڊ فلم لاءِ پهريون گانو رليز

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڊگهي انتظار کانپوءِ نيٺ پاڪستان جي مشهور نوجوان ڳائڻي ۽ موسيقار عاصم اظهر جو پهريون بالي ووڊ گانو “همراهه” رليز ڪيو ويو. عاصم اظهر جي ڀارتي فلم لاءِ تيار ڪيل گاني کي اهڙي وقت ۾ رليز ڪيو ويو آهي جڏهن پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا معطل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي شوبز انڊسٽري ۾ هڪ ٻئي جي فنڪارن تي ڪم ڪرڻ جي پابندي لاڳو آهي. پاڪستان ۽ اڀرت وچ ۾ آگسٽ 2019ع ۾ ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو هو جنهن کانپوءِ ثقافتي سرگرميون معطل ٿي ويون هيون جڏهن ته ڪيترن ئي مهينن جي پابندي کانپوءِ عاصم اظهر جي بالي ووڊ گاني کي رليز ڪرڻ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ثقافتي لاڳپن جي بهتري طور ڏسي سگهجي ٿو. گانو همراهه بالي ووڊ جي ايندڙ فلم ملنگ ۾ شامل آهي ۽ هن گاني کي اداڪارا ديشا پٽناني ۽ آديتيا راءِ ڪپور تي فلمبند ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.