تازا ترين
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

عائشه عمر بولڊ تصوير شيئر ڪري مداحن کي تنقيد جي دعوت ڏئي ڇڏي

مون تي تنقيد ڪريو، مزو ايندو: عائشه عمر انسٽاگرام اڪائونٽ پنهنجي تصوير شيئر ڪئي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل عائشه عمر جو چوڻ آهي ته مداح کيس گهٽ سمجهندا تڏهن به کيس مزو ايندو. اداڪارا ۽ ماڊل عائشه عمر پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ سندس لباس تي مداحن طرفان تنقيد ڪئي پئي وڃي. دلچسپ ڳالهه اها آهي جو اداڪارا پاڻ به پنهنجي تصوير جي ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته مداح هن تصوير تي کيس گهٽ سمجهندا تڏهن به کيس خراب نه لڳندو پر کيس مزو ايندو. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل سندس تصوير کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هڪ صارف چيو ته ٻي انڊسٽري جي اداڪارائن تي تنقيد ڪندڙ پهريان پاڻ پنهنجين اداڪارائن کي ڏسن جڏهن ته ڪيترن ئي صارفين عائشه عمر کي تهذيب جو سبق به ياد ڏياريو.

Bookmark the permalink.