تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

صبور کي سجل جي سڪ، ٽوئٽر تي محبت جو اظهار

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) پاڪستاني فلم ۽ ڊراما انڊسٽري جي اداڪارا صبور علي پنهنجي وڏي ڀيڻ اداڪارا سجل علي سان خوبصورت انداز ۾ محبت جو اظهار ڪيو آهي. صبور علي ۽ سجل علي پاڪستان شوبز انڊسٽري جون مشهور اداڪارائيون ۽ ڀينرون آهن. صبور علي ٽوئٽر تي پيغام شيئر ڪندي ڀيڻ کي ياد ڪيو آهي. هن لکيو ته منهنجي ڀيڻ سجل، هو نه رڳو ڀيڻ آهي پر هڪ دوست آهي، منهنجي سرپرست آهي، منهنجو حوصلو ۽ منهنجو ضمير آهي. هن لکيو ته اڄ به جيڪڏهن ڪا صلاح وٺڻي پوي ٿي يا ڪا ڳالهه ٻڌائڻي پوي ٿي ته سجل علي کي ئي فون ڪندي آهيان.

Bookmark the permalink.